راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته مصر سان هر شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري کاتي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان مصر جي سفير طارق محمد داهروگ جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر مطابق ملاقات ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي وارن شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان مصر سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏيندو آهي، مصر سان هر شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. پاڪ فوج جي ترجمان مطابق مصر جي سفير طارق محمد داهروگ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.
161