136

ڪورونا وائرس جي وبا هڪ عالمي حقيقت آهي: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا هڪ عالمي حقيقت آهي، اها ڪنهن ذهن جي پيداوار ناهي عدالتي فيصلو به اچي چڪو، مخالف ڌر هاڻي هوش کان ڪم وٺي ۽ عوام دشمني جي مرتب نه ٿئي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عوام جي صحت جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، خدا نه ڪري جيڪڏهن قيمتي جانين جو زيان ٿئي ته ان جو ذميدار ان مخالف ڌر جا اڳواڻ ۽ جلسي جي انتظاميه هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو