140

واپارين کي درپيش مسئلن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي: سينيٽ چيئرمين

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته صنعتي شعبي ۽ واپارين کي درپيش مسئلن کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ جو اهو شعبو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پارليامينٽ ڪاروباري طبقي ۽ صنعتي شعبي جي مسئلن کان چڱي طرح آگاهه آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي وفد سان گڏ فيصل آباد پهچڻ تي ڪيو، وفد ۾ سينيٽر سجاد حسين طوري، مرزا محمد آفريدي، احمد خان ۽ ڪهده بابر بابر  شامل هُئا، سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي مشهور ڪاروباري شخصيت ۽ زيڊ اي ڪارپوريشن جي مالڪ شيخ دانش علي جي دعوت تي فيصل آباد پهتو آهي، سينيٽ جي چيئرمين فيصل آباد ۾ شيخ دانش علي جي نئين انڊسٽريل يونٽ بيسٽ اسپنگ مل جو به افتتاح ڪيو، سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي ڪاروباري طبقي کي درپيش مسئلن خاص طور ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي مشڪلاتن بابت بريفنگ ڏني وئي، سينيٽ جي چيئرمين ٻڌايو ته پاڪستان جو صنعتي شعبو خاص طور فيصل آباد جا صنعتي يونٽ نه رڳو ملڪ جي لاءِ وڏي پرڏيهي ناڻي جو سبب آهن پر معاشي ترقي ۾ بنيادي ڪردار جا حامل آهن، سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي کي ڪاروباري ۽ صنعتي شعبي کي ٽيڪسن جي حوالي سان درپيش مسئلن کانسواءِ صنعتن کي بجلي جي فراهمي بابت مسئلن کان به آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي سينيٽ جي چيئرمين چيو ته پارليامينٽ ڪاروباري طبقي ۽ صنعتي شعبن جي مسئلن کان چڱي طرح آگاهه آهي، صنعتڪارن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پارليامينٽ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو، صنعتي شعبو نه رڳو ملڪي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي پر قومي ترقي لاءِ به ٺوس بنياد فراهم ڪندو آهي، هن چيو ته صنعتي شعبي ۽ واپارين کي درپيش مسئلن کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ جو اهو شعبو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو