144

پشاور ۾ ضلعي انتظاميا پي ڊي ايم کي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، 22 نومبر تي هر صورت ۾ جلسو ٿيندو: پي ڊي ايم اڳواڻ

پشاور (ويب ڊيسڪ) ضلعي انتظاميا ڪورونا وائرس پکڙجڻ کي نظر ۾ رکندي پي ڊيم ايم کي جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڇڏيو آهي. نجي ٽي وي مطابق پشاور ۾ ضلعي انتظاميا ڪورونا وبا پکڙجڻ واري خطري کي نظر ۾ رکندي پي ڊي ايم کي جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته حڪومت عوامي ميڙن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر  پشاور محمد علي اصغر پي ڊي ايم جي صوبائي اڳواڻن کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلعي پشاور ۾ هن وقت ڪورونا جي شرح 13 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي، وڏا عوامي ميڙ ڪرڻ سان ڪورونا جي وڌڻ جو خدشو آهي، ڄاڻايل صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪورونا وائرس کان انساني جانين کي بچائڻ لاءِ جلسي جي اجازت ڏئي نٿي سگهجي. ٻئي طرف اي اين پي جي سينيئر اڳواڻ ميان افتخار نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پي ڊي ايم جلسي لاءِ اجازت گهرندي، جيڪڏهن اجازت نه ڏني وئي ته جلسو هر صورت ۾ ٿيندو. هن چيو ته هاڻوڪي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، قانون جي ڪابه بالادستي ناهي، حڪومت سمورا قدم غير آئيني کڻي رهي آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم ملڪ جي عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ چاهي ٿي، اسان جي تحريڪ مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندي. ٻئي پاسي پي ڊي ايم جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عبدالجليل جان نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ضلعي انتظاميا پاران پابندي ڪنهن به صورت ۾ برداشت ناهي، 22 نومبر تي پي ڊي ايم جو جلسو هر صورت ۾ ٿيندو. واضح رهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پاران 22 نومبر تي پشاور ۾ جلسي جو اعلان ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو