اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت سنڌ جي احتجاج کي رد ڪندي ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري رٿا تي ڪم جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ آئرلينڊ اٿارٽي جي اعليٰ عملدارن سميت ڪيترن ئي آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته سنڌ مان گورنر عمران اسماعيل وڊيو لنڪ ذريعي گڏجاڻي کي صورتحال کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي ٻيٽن تي شهر ٺاهڻ وارو منصوبو ملڪي ترقيءَ لاءِ اهم آهي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٻيٽن تي جديد ترقيءَ سان معيشت کي فائدو رسندو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، گڏجاڻي کي ٻيٽن تي نوان شهر ٺاهڻ واري رٿا بابت ٿيل ڪم جي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ پڻي ڏني وئي، ٻئي طرف پورٽ ۽ شپنگ جي وفاقي وزير ۽ وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي علي زيدي واضح لفظن ۾ چيو آهي ته ڪراچي جي ٻيٽن تي شهر ٺاهڻ جو ڪم جاري رهندو، هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو آهي ته ٻيٽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي ملڪيت آهن، هن چيو ته اها وزيراعظم جي شرافت آهي جو هن سنڌ کان اجازت ورتي، نه ته ان جي به ڪا ضرورت نه هئي.هن چيو ته سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان کان اسان واقف آهيون.
