132

گم ٿيل شاگرد موهن ميگهواڙ نيٺ ڪڏهن آزاد ٿيندو؟؟

آزاد لال حسين

جتين کي ٽوپا ڏئي پٽ کي يونيورسٽي تائين پهچائيندڙ جلال ميگهواڙ جي پٽ موهن کي هيل تائين 7 سال گذري ويا آهن، پر اڃا تائين واپس نه وريو آهي، موهن پنهنجي والد جي محنتن ۽ خواهش جو ڀرم رکي مهراڻ يونيورسٽي جي ڪيميڪل ڊپارٽمينٽ ۾ پهتو، جتي هڪ سال پڙهڻ کانپوءِ گم ٿي ويو، اڄ تائين خبر نه پئي آهي ته کيس ڪير کنڀي ويو؟ هن جي والد جلال مطابق ته سندس پٽ جو ڪنهن به پارٽي سان ويجهو توڙي پري جو ڪو به لاڳاپو نه هو، موهن جي امڙ، ننڍڙا ڀاءُ ۽ ڀينرون سندس آزادي لاءِ سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀٽڪيا آهن، اپيلون ڪيون آهن، عدالتن ۾ درخواستون ڏنيون آهن، پر هر در تان کين ناڪامي نصيب ٿي آهي، آئون سوچيان ٿو ته هڪ ڀيرو مري وڃڻ کان گم ٿيڻ جو درد وڌيڪ اذيتناڪ آهي، جيڪو خاص ڪري والدين کي پل پل ماري ٿو، جلال ميگهواڙ جنهن وقت کان اڳ پوڙهائپ ڏٺي ۽ ڏک سندس وار چاندي ڪيا، اهو هاڻ پاڻ کنڊر بڻجي چڪو آهي، اهي ڀينرون جن پنهنجي ڀاءُ جي هٿ تي راکي ٻڌي ساڻس گڏ کيڏيون، کيچلون ڪيون انهن جو ٻاروتڻ به ڏک ۾ ختم ٿي ويو، جيجل جون لوريون روئي روئي سمهي پيون، موهن جا ڀائر جوان ڀاءُ جو ڏک تاتي وڏا ٿيندا پيا وڃن، پر سور جو سج جيڪو ان گهر جي مٿان اڀريو آهي، اهو لهڻ جو نالو ئي نٿو وٺي ۽ لهي به ڪيئن، ڇو ته ان سڄي ڪٽنب جو سج ته گم آهي، خدارا جلال ميگهواڙ جي گهر جو چنڊ کيس موٽايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو