ايڊووڪيٽ مفيد ناريجو
اسلام ۾ عورت کي اعليٰ مرتبو ۽ شان ڏنو ويو آهي، جنهن جي فضيلت نمايان ڪرڻ لاءِ قرآن ڪريم جي سورة النساءِ جو نزول پڻ ڪيو ويو، ان کانسواءِ قرآن پاڪ سميت حديثن جا لاتعداد حوالا موجود آهن، جن کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي، اسلامي معاشري، قرآن ۽ حديث جي روشنائين ۾ جتي عورت جي فضيلت، شان، عزت، حق ۽ حصيداريون واضح ٿيل آهن، اتي ان جي پردي جا حڪم به واضح طور تي جاري ڪيل آهن، پاڪستان ۾ (ويسٽ پاڪستان فيملي ڪورٽ ايڪٽ) 1964ع جي سيڪشن يا قلم 18 تحت پردي بابت قانون ٺهيل آهي، جنهن تحت ڪا به پرديدار عورت پنهنجي وارث يا ڪنهن به ايجنٽ معرفت فيملي ڪورٽ مان پنهنجا قانوني حق آساني سان حاصل ڪري سگهي ٿي، ڇو ته انهيءَ قانون تحت پرديدار عورت کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان ڇوٽ ڏئي پرديداريت جي ڀرم کي مان ڏنو ويو آهي ۽ اهڙي روايت جو مقصد به اهو آهي ته جيئن پرديدار عورت جي اچ وڃ سان اها بي پرده نه ٿي سگهي، اهڙي طرح هڪ باپرده عورت کي ان جي گهر جي دروازي تائين انصاف جي رسائي ڏني وئي آهي، لاڳاپيل قانوني گهرجن مطابق عورت جنهن جي خلاف به ڪو فيملي ۽ خانداني ڪورٽ ۾ ڪيس وغيره داخل ڪري يا ڪنهن فرد واحد يا گهڻن ماڻهن تي ڪو فيملي ڪيس داخل ڪري مثال طور خلع يا تنسيخِ نڪاح، ٻارن جي حوالگي، ٻارن جو خرچ پکو، ازدواجيت جي حق، حق مهر، يا ڏاج جي گهر، ٻارن سان ملاقات وغيره جهڙن ڪيسن ۾ عورت کي پيش ٿيڻ کان ڇوٽ ڏني وئي آهي، جيئن اسلامي معاشرتي قانونن موجب سندس پرديداري پائمال نه ٿئي. جتي ملڪ جي مڙني هنڌن تي باپرده عورتن جي رابطاڪاري هجڻ کي ڪنهن به قيمت تي رد نٿو ڪري سگهجي اتي فيملي ڪورٽ جي رعايتن کانسواءِ باقي سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ۽ غير سرڪاري هنڌن تي عورتن جي پردي کي پائمال ڪرڻ کان روڪڻ جو ڪو جوڳو انتظام يا قانوني شق حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن، نه ئي وري اهڙي ڪا راءِ منظر تي آندي وئي آهي،بدقسمتي سان اسان کان هر هنڌ پردو وسري ويو آهي، ڇو ته عورت جڏهن پنهنجي مڙس، سس، سهري، ڀائرن ۽ ڀينرن خلاف فيملي عدالتن جو جڏهن به در کڙڪائڻ چاهيو آهي ته ان جي نتيجي ۾ ضرور گهر ٽٽو ئي آهي، خاص طور تي عورت ڪڏهن مڙس کان عليحدگي گهرڻ، ڪڏهن صغير ٻار وٺڻ، ڪڏهن خرچ پکي ۽ ڪڏهن حق مهر وٺڻ ته ڪڏهن گهر ۾ پيل ڏاج جو پراڻو سراڻو، ڀڳل ٽٽل سامان وٺڻ لاءِ ئي ڪورٽن جو سهارو ورتو آهي. ظاهر آهي ته اهڙن عملن سان گهر ٽٽندي ئي نظر آيا آهن، جڙندي ناهن نظر آيا، اهڙن باريڪ معاملن خاطر عورت کي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان ڇوٽ واري رعايت ته ڏني وئي پر اها ساڳي عورت ڪنهن ٻئي سرڪاري، غير سرڪاري، نيم سرڪاري جاءِ تي جڏهن ٻاهر نڪري ٿي ته اتي پرديداري وارو احترام ختم ٿي ويندو آهي، اهڙي جاءِ تي اسان وٽ ڪوبه قانون نه آهي، جيتوڻيڪ اسان جون پرديدار عورتون پنهنجي بنيادي حقن لاءِ ڪو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ نادرا جي ڪنهن سينٽر تي وينديون آهن ته اتي مرد حضرات سندن برقعا يا حجاب لهرائي ڦوٽو ڪڍي کين بي پرده ڪندا آهن، نه صرف نادرا پر کوڙ سارين جاين تي اهو رواج عام آهي، جيڪڏهن ڪا بيواهه ۽ باپرده عورت فوتي مڙس جي پينشن لاءِ ڪنهن بئنڪ يا لاڳاپيل اداري ۾ وڃي ته اتي به ساڳي ڪار ڪئي ويندي آهي. ساڳي ئي ريت بئنڪ جو نمائندو شيشي پويان ويهي عورت کي چهرو ظاهر ڪرڻ لاءِ حڪم ڪندو آهي ۽ اهڙو عمل ٻين به کوڙ سارين جاين تي ورجايو ويندو آهي، مطلب ته عورت کي هڪ طرف رعايت ڏئي ٻين کوڙ سارن طرفن کان ساڳي عورت کي ننڌڻڪو ڪري ٻه اکيائي جو رواج وڌو ويو آهي، آئون سمجهان ٿو ته حڪومتي ادران کي گھرجي ته ان سنگين مسئلي تي غور ويچار ڪري، مختلف سرڪاري، غير سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارن يا کاتن ۾ عورتن کي ڊِيل ڪرڻ لاءِ عورت ليڊرشپ تي مشتمل الڳ ڪائونٽر ٺاهي، عورتن جو شرعي ۽ بنيادي تقدس بحال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن….!!!