ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جي اسٽيرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري تعليم احمد بخش ناريجي، سيڪريٽري ڪاليجز سيد باقر علي نقوي، تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن ۽ خانگي اسڪولن جي تنظيم جي عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سياري جون موڪلون ڪرڻ جي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي اين سي او سي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي به غور ويچار ڪيو ويو. تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسٽيرنگ ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ۾ صوبي ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ يا سياري جون موڪلون نه ڪرڻ جو فيصلو نه ڪيو ويو آهي پر ان بابت ڪو به فيصلو23 نومبر تي کان پوءِ ڪيو ويندو. هن چيو ته تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ ٿيل گذريل اجلاس ۾ ڪوبه پڪو فيصلو نه ٿيو هو، 23 نومبر تائين سمورن صوبن سان صلاح مشوري بعد فيصلو ڪرڻ لاءِ اتفاق ٿيو هو، اين سي او سي جيڪو به فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪرڻ بابت آخري فيصلو وڏي وزير ۽ صحت واري وزير کي ڪرڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت طرفان 25 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين اسڪولن ۾ ٻارڙن کي موڪلن بدران گهرن ۾ تعليم ڏيڻ ۽ سياري جون موڪلون 25 ڊسمبر کان 10 جنوري تائين ڪرڻ جو چيو پيو وڃي، وفاق جو موقف آهي ته 25 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين استادن کي اسڪول اچڻ ۽ والدين کي هر هفتي اسڪول ۾ اچي ٻارڙن جو هوم ورڪ وٺڻ گھرجي.
256