298

هاءِ اسڪول ميرپورٻرڙو جي ٽن شاگردن ۾ ڪورونا جي تصديق، گهرن ۾ آئسوليٽ

ٺل (ن سوڀ) ٺل ڀرسان هاءِ اسڪول ميرپور ٻرڙو جا 3 شاگرد ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هاءِ اسڪول ميرپور ٻرڙو جي شاگردياڻي طوبا، اختر علي ۽ عطاءُ الله جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ڪئي وئي، جنهن بعد رپورٽ مثبت اچڻ بعد وائرس جي تصديق ڪئي وئي. وائرس ۾ مبتلا ٿيل شاگردياڻي سميت ٽنهي ڄڻن کي گهرن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي. تعلقي اسپتال جي ايم ايس تصديق ڪندي ٻڌايو ته شاگردياڻي سميت ٽن شاگردن جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آئي آهي جن کي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو