لاهور (ويب ڊيسڪ) علامه خادم حسين رضوي جي لاڏاڻي سندس پٽ علامه سعد حسين رضوي کي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو نئون امير مقرر ڪيو ويو آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي نئين امير جو اعلان مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ علامه خادم حسين رضوي جي جنازي نماز جي اجتماع ۾ ڪيو ويو. علامه سعد حسين رضوي مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ نئين سربراهه جي حيثيت سان حلف کنيو. حافظ سعد حسين رضوي پهريان تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل هو.
