ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غير قانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ ڪراچي جي اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال ۽ ڪراچي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر فضل الرحمان سوڌو ٻين جوابدارن تي فرم جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ غير قانوني الاٽمينٽ ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت نمبر 3 ۾ ٿي، نيب جي طرفان داخل ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ 198 پلاٽ غير قانوني طور تي الاٽ ڪيا، نيب جي عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته مصطفيٰ ڪمال سٽي جي ناظم جي حيثيت ۾ پلاٽن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪئي، عدالت ڪيس ۾ پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ، ڪراچي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر فضل الرحمان سوڌو ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
