179

پشاور ۾ ڪورونا خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي پر پوءِ به مخالف ڌر جلسو ڪرڻ لاءِ ضد ڪري پئي: اسد عمر

لاهور (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري صوبائي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر (اين سي او سي) جي سربراهه اسد عمر جو چوڻ آهي ته پشاور ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 13.39 سيڪڙو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر جو چوڻ هو ته پشاور ۾ ڪورونا جا 202 مريض انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل آهن، 18 مريض وينٽيليٽر تي آهن، جن مان 14 سخت بيمار آهن. هن چيو ته اهڙي صورتحال هوندي به پي ڊي ايم قيادت جو چوڻ آهي ته اسان اسٽيج تي محفوظ آهيون، عوام جي فڪر ڪنهن کي آهي، پشاور ۾ ڪورونا خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي پر پوءِ به مخالف ڌر جلسو ڪرڻ لاءِ ضد ڪري پئي. هن چيو ته پشاور عمران خان جو شهر آهي، مخالف ڌر جلسو ڪري عوام جي صحت ۽ روزگار خطري ۾ وجهڻ کانسواءِ ڪجهه حاصل ڪري نه سگهندي، مخالف ڌر شايد پشاور جي عوام کان بدلو وٺڻ چاهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو