315

حيدرآباد مان جسم اڳواڻ رياض چانڊيو ۽ نواز شاهه ڀاڏائي گرفتار،5 ڪلاڪن کانپوءِ آزاد، مختلف شهرن ۾ مظاهرا

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ سندس پارٽي جي جنرل سيڪريٽري نواز شاهه ڀاڏائي کي حيدرآباد مان گرفتار ڪيو ويو ۽ پنج ڪلاڪ حراست ۾ رکڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو، قاسم آباد جي علي پليس واري علائقي مان رينجرز چيڪنگ دوران گاڏي مان هٿيار ملڻ تي جسم چيئرمين رياض چانڊيو ۽ جنرل سيڪريٽري نواز شاهه ڀاڏائي کي  گرفتار ڪرڻ کان پوءِ قاسم آباد ۾ موجود رينجرز هيڊ ڪوارٽر  منتقل ڪيو، جتي پڇا ڳاڇا ۽ هٿيارن جا لائسنس هجڻ تي ٻنهي اڳواڻن کي ڇڏيو ويو، ميڊيا رپورٽ مطابق قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن جو چوڻ هو ته رياض چانڊيو ۽ سندس ساٿي وٽان هٿيار  مليا هئا ان ڪري کين گرفتار ڪيو هو لائسنس هجڻ تي کين آزاد ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف پاسي رياض چانڊيو ۽ نواز شاهه ڀاڏائي جي گرفتاري خلاف مختلف شهرن ۾ پارٽي ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته آزادي کان پوءِ جسم چيئرمين رياض چانڊيو ۽ جنرل سيڪريٽري نواز شاهه ڀاڏائي حيدرآباد پريس ڪلب پهچي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان پنهنجي گهر کان نواب شاهه طرف وڃي رهيا هئاسين ته موٽر سائيڪل تي اسان جي گاڏي جو پيڇو ڪيو ويو، علي پئليس وٽ اسان جي ڪار کي روڪي هٿيارن جي لائسنس جي پڇا ڪئي وئي جن جا لائسنس ڏيکارڻ باوجود اسان کي قاسم آباد ۾ موجود رينجرز هيٺ ڪوارٽر وٺي ويا جتي آڏي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا، هنن پريس ڪانفرنس دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان واقعي تي پاڻ مرادو نوٽس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو