ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ٿي وئي آهي. وڌيڪ رقم جي ادائيگين ۽ ٻاهريان شين گهرائڻ ۾ واڌ سبب گذريل هفتي ڊالر جي قيمت هيٺ هلي وئي هئي، پئسي جي ٻنهي مارڪيٽن ۾ گذريل هفتي آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو به هيٺ هليو ويو هو، انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 3 هفتن جي مٿين سطح تي پهچي ويو، هفتيوار ڪاروبار دوران انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قيمت 160 رپين تائين جي سطح تائين پهچي وئي هئي، جڏهن ته کليل مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 161 رپين جي سطح تائين اچي وئي آهي.
305