194

ناجائز حڪمران پاڻ ئي وڏا ڪورونا وائرس آهن، سندن خلاف مخالف تحريڪ عروج تي آهي: مولانا فضل الرحمان

پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف)جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت مخالف ڌر جي جماعت پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو ڍانچو مڪمل ٿي چڪو آهي، پشاور پريس ڪانفرنس دوران هن وڌيڪ چيو آهي ته سڀاڻي پشاور ۾ تاريخي جسلو ٿيندو، پي ڊي ايم صدر مولانا فضل رحمان جو اهو به چوڻ هو ته حڪومت کي ٻيو ڪو به بهانو نه مليو ته چئي ڇڏيو ته ڪورونا وبا وڏو خطرو آهي، پر اصل ۾ ناجائز حڪمران پاڻ وڏو خطرو آهن جڏهن اسان ڪورونا 19 سان گڏ ڪورونا 18 جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، ۽ اسان عوام جو ووٽ چوري ڪرڻ وارن کي آرام سان ويهڻ نه ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي جهنڊي جي ڇانو ۾ ملڪ ۾ ناجائز ۽ ناخلف حڪومت خلاف مخالف تحريڪ  عروج تي آهي ۽ جيڪا امانت قوم کان ڦري وئي آهي اها واپس وٺي رهنداسين،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو