ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت بيان ۾ چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 17 مريض فوت ٿي چڪا آهن ۽ فوتين جو انگ 2816 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 11537 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 1199 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. هن ٻڌايو ته هيستائين سنڌ ۾ ڪورونا جا 1883799 ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ 162227 ڪيس ظاهر ٿيا جڏهن ته ڪورونا جا وڌيڪ 382 مريض صحتياب ٿيا جنهن کانپوءِ هيستائين ڪورونا جا 145525 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 17 مريض فوت ٿي ويا ۽ فوتين جو ٽوٽل انگ 2816 تائين پهچي ويو آهي. هن وقت 13886 مريضن جو علاج جاري آهي جن ۾ 13333 مريض گهرن ۾، 9 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 544 مريضن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ڪورونا سبب 477 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ۽ هن وقت ڪورونا جا 62 مريض وينٽيليٽرز تي آهن. وڏي وزير چيو ته صوبي ۾ 1199 ڪورونا ڪيسن مان 859 نوان ڪيس ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع ڏکڻ 247، ضلع اوڀر 233، ضلع اولهه 133، ضلع ڪورنگي 109، ضلع مرڪز 105 ۽ ضلع ملير 32 آهن جڏهن ته حيدرآباد 189، ڄامشورو 36، دادو 18، ٽنڊو محمد خان 13، قمبر 9، گهوٽڪي 6، شهيد بينظير آباد ۽ سکر 5-5، سانگهڙ 3، شڪارپور ۽ ٺٽو 2-2، بدين، خيرپور، مٽياري، نوشهروفيروز ۽ عمر ڪوٽ ۾ 1-1 ڪيس آهن.
