191

مخالف ڌر پنهنجي 2 ڪلو گوشت لاءِ سڄي ڳئون ذبح ڪرڻ چاهي ٿي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽينڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر پنهنجي 2 ڪلو گوشت لاءِ سڄي ڳئون ذبح ڪرڻ چاهي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته مخالف ڌر پنهنجي 2 ڪلو گوشت لاءِ سڄي ڳئون ذبح ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن بيماري پکڙجي ٿي ۽ ماڻهن جون زندگيون داءَ تي لڳن ٿيون ته اها ڪهڙي سياست آهي؟ فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته سياست ۽ اقتدار زندگي سان گڏ آهن، جيڪڏهن زندگي کي خطرا درپيش ٿي وڃن ته ڇا سياست ٿي سگهندي؟ پنهنجي حڪمت عملي بدليو، جيڪڏهن جلسن جو شوق آهي ته ورچوئل جلسا جلسا ڪريو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو