178

ڪورونا وائرس وڌيڪ 59 ڄڻن جي حياتي کسي ورتي، 2665 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا جا هاڃا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2665 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته وڌيڪ 59 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 هزار 983 ٽيسٽ ڪيا ويا، اهڙي ريت ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪووڊ 19 جا مجموعي طور تي 51 لک 80 هزار 26 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2665 ماڻهن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي، جڏهن ته 59 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو