265

25 نومبر کان تعليمي ادارا بند ڪرڻ جي تجويز آهي: شفقت محمود

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ آهي ته حڪومت سومر تي سمورن ڌرين جي اجلاس ۾ تجويز پيش ڪندي ته تعليمي ادارا بند ڪيا وڃن. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شفقت محمود جو چوڻ هو ته تجويز آهي ته ڪئمپس بدران گهرن ۾ پڙهائي وارو عمل شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته استاد اسڪول اچن، ٻار آن لائين پڙهن ۽ جتي آن لائين جو انتظام ناهي اتي ٻار هڪ ڏينهن اسڪول اچي هوم ورڪ وٺي وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو