187

بغداد ۾ ڌماڪي ۽ فائرنگ سبب 6 سيڪيورٽي اهلڪارن سوڌو 9 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق جي گادي واري هنڌ بغداد ۾ ڌماڪي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اتر بغداد ۾ پهرين روڊ ڪناري لڳايل بم سان هڪ ڪار  کي نشانو بڻايو ويو ۽ پوءِ امدادي ڪاررواين دوران فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽن مطابق ڌماڪي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ 3 عام شهري مارجي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو