ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار ڪيل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي سان آهي، ڄاڻايل دهشتگرد ڪراچي ۾ سيڪيورٽي ادارن تي حملا ڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهيا هئا. رينجرز جي ترجمان مطابق گرفتار ڪيل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن، گرفتار ڪيل جوابدارن جي سڃاڻپ محمد خالد عرف منصور، اڪرام الله ۽ ياسين عرف ابو حنظله طور ٿي آهي.
