اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻو پيو ته ان جي 25ذميوار مخالف ڌر هوندي، سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو آهي ته پوري دنيا ۾ ڪورونا جي ٻي لهر پکڙجي رهي آهي، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، گذريل 15 ڏينهن کان وينٽيليٽر تي ويندڙ ڪورونا مريضن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، ڪورونا مريضن ۾ پشاور ۽ ملتان ۾ 200، ڪراچي ۾ 148 سيڪڙو ، لاهور ۾ 114 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 65 سيڪڙو ڪ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو آهي ته لاڪ ڊائون وانگر قدم کڻڻ نه ٿو چاهيان ڇاڪاڻ ته ان سان اسان جي معشيت تي خراب اثر پوندا، جڏهن اسان معاشي طور تي بهتري وڌي رهيا آهيون، بدقسمتي سان مخالف ڌر جو مقصد اين آر آو حاصل ڪرڻ آهي، چاهي ان لاءِ عوام جي زندگين ۽ ملڪ جي معشيت کي ڪا قيمت ادا ڪرڻي پوي. وزيراعظم جو اهو به چوڻ هو ته اين آر او حاصل ڪرڻ لاءِ مخالف عوام جي زندگين ۽ انهن جي روزگار کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن، مان واضح ڪيان ٿو ته مخالف ڌر وارا 10 لک به جلسا ڪن پر انهن کي اين آر او نه ملندو، ڪورونا ڪيس انهي رفتار سان وڌندا رهيا ته مڪمل لاڪ ڊائون لڳائڻو پوندو، ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ان جي نتيجن جي ذميوار پي ڊي ايم جي قيادت هوندي. “We do not track version information for
