لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت جي هدايت تي صوبي جي گادي واري هنڌ لاهور کي انتظامي ۽ مالي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ جون تياريون جاري آهن. نجي ٽي وي مطابق بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر بابر حيات تارڙ جي سربراهي ۾ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاهور پنجاب جي وڏي وزير جي حڪمن تحت لاهور شهر کي انتظامي ۽ مالي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، شروع ۾ لاهور کي 4 حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز هئي پر ڪمشنر لاهور ان کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ لاهور کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪمشنر لاهور جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار 10 ڊسمبر تائين ڊيڊلائين ڏني آهي، جنهن تي ڪم هلندڙ آهي.
211