197

راولپنڊي ۾ اسڪول بند ڪرڻ تي سوين خانگي اسڪولن جي سوين عورت استادن جو احتجاجي مظاهرو، شاندار ريلي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي  ۾ اسڪول بند ڪرڻ تي خانگي اسڪولن جي سوين عورت استادن جو احتجاجي مظاهرو ڪري شاندار ريلي ڪڍي جنهن ۾استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، حڪومت پاران اسڪول بند ڪرڻ واري اين سي او سي جي فيصلي خلاف آل پاڪستان نجي اسڪولز مئنيجمينٽ جي سڏ تي  ڪيل احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ  استادن جي هٿن ۾ وڏا بينر کنيل هئا، جن تي اسڪول بند نه ڪرڻ ۽ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جا مطالبا ڪيل ويا، احتجاجي ۾شريڪ ماڻهو اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪندي اسڪول کُليل رکڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا، ان موقعي احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسڪولن کي بند ڪرڻ سان سوين استادن جي بيروزگار ٿيڻ جو خدشو آهي، ان ڪري ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ حڪومت طرفان جوڙيل ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، واضح رهي ته ڪورونا وائس جي ٻي لهر ۽ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب پنجاب جي مختلف علائقن ۽ ڪراچي جي ڇهن ئي ضلعن سمارٽ ۽ مائيڪرو لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو