279

لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي گولاباري، 7 ورهين جي ٻارڙي شهيد، 10 ڄڻا زخمي

ڪوٽلي (ويب ڊيسڪ) لائن آف ڪنٽرول تي کوئي رٽه سيڪٽر تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۽ گولاباري ۾ 7 ورهين جي ٻارڙي شهيد ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. نجي ٽي وي مطابق لائن آف ڪنٽرول تي کوئي رٽه سيڪٽر تي ڀارتي فوج فائرنگ ڪندي گولاباري ڪري ڏني، ڀارتي فوج ايل او سي تي واقع ڳوٺ ججوٽ بهادر کي به نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ورهين جي ٻارڙي شهيد ۽ 10 رهواسي زخمي ٿي پيا. شهيد ٿيندڙ ٻارڙي جي سڃاڻپ حورين ولد محمد عرفان طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ 55 ورهين جو محمد حنيف، 65 ورهين جو سرور جان، 35 ورهين جي ساجده، 50 ورهين جي خورشيد بيگم، 35 ورهين جي زبينه، 20 ورهين جي عروج، 22 ورهين جي ثمن، 10 ورهين جي عريج، 9 ورهين جو مبين ۽ 5 ورهين جو شنگور شامل آهن، جن کي اسپتال نيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو