218

پاڪستان ۾ ٻارڙن جي تعليم جي واڌاري لاءِ ٽيلي اسڪول کان پوءِ ريڊيو اسڪول به قائم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان ملڪ ۾ ٻارڙن جي تعليم جي واڌاري لاءِ ريڊيو اسڪول قائم ڪيو ويو آهي، ميڊيا رپورٽ مطابق تعليم واري وفاقي وزير ملڪ ۾ڪورونا وائرس جي وبا جي موجودگي دوران ٻارڙن جي تعليم جي واڌاري لاءِ ريڊيو اسڪول کوليو ويو آهي، جنهن لاءِ پي ٽي وي جي انتظاميا سان هڪ معاهدو پڻ ڪيو ويو آهي، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته تعليم واري وزارت ۽ ريڊيو پاڪستان وچ ۾ معاهدو پڻ ٿي ويو آهي، جنهن تحت ريڊيو جي ذريعي ٻارڙن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ ڪم ڪيو ويندو. تعليم واري وفاقي وزير موجب ريڊيو اسڪول جي ذريعي روزانو ٻارڙن کي 4 ڪلاڪ تعليمي مواد نشر ڪيو ويندو. جنهن ۾ ريڊيو پاڪستان صبح جو 10 وڳي کان 12 وڳي تائين  تعليمي مواد نشر ڪندو ۽ ٻن پهرن جو2 کان 4 وڳي تائين ٻيهر پروگرام ورجايو ويندو. تعليم واري وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته هن پروجيڪٽ  جو قيام وزيراعظم جي سوچ مطابق ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪورونا وائيس دوران ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ٻارڙن کي تعليم جي فراهمي ڪئي ويندي. شفقت محمود جو اهو به چوڻ هو ته تعليم واري وزارت ۽ پي ٽي وي جي گڏيل سهڪار سان ٽيلي اسڪول به شروع ڪيو ويو جنهن تحت 80 هزار ٻار  ان مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت جلد اي ايجوڪيشن پورٽل شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي جنهن جي ذريعي عوام صرف هڪ ڪلڪ ذريعي ٽيلي اسڪول ۽ ريڊيو اسڪول جي پروگرامن کي ڏسي ۽ ٻڌي سگهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو