291

نابين ماڻهن کي ڊوڙڻ ۾ مدد واسطي هٿرادو ذهن جي نالي سان ايپ تيار

گوگل هڪ نئون ۽ هٿرادو ذهن تيار ڪري ورتو آهي جيڪو نابين ماڻهن کي ڊوڙڻ ۾ مدد ڏيندو، آرٽيفيشل انٽيليجنس جي نالي سان تيار جديد ڪيل نابين ماڻهن کي آڊيو ذريعي مدد مهيا ڪندو جنهن جي مدد سان نابين ڊوڙ ۾ به حصو وٺي سگهندا. غير ملڪي خابرو اداري مطابق هي جديد قسم جو ايپ شروعاتي مرحلي ۾ آهي هن ايپ کي استعمال ڪندڙ نابين ماڻهن جي اينڊرائيڊ فون جي ڪيميرا سان جوڙيو ويندو .ايپ  ڊوڙ دوران ڪئميرا جي مدد سان زمين تي موجود لائين کي ٽريس ڪري نابين ماڻهن کي ڊوڙڻ ۾ رهنمائي ڪندو، جڏهن ته ايپ هر قسم جي موسمياتي تبديلي ۾ به بغير انٽرنيٽ جي ڪم ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو