جنيد احمد چانڊيو، قاسم آباد
قاسم آباد ۾ ٽرئفڪ جو مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو وڃي، ٽرئفڪ پوليس وارا ته هر هنڌ چوڪ چوڪ تي ته بيٺل نظر اچن ٿا، انهن جي هوندي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊ بند نظر ايندا آهن، خاص ڪري اسڪولن جي موڪل ٿيڻ وقت ته وڏو آزار آهي، ان وقت اهڙي ته صورتحال خراب ٿيو ٿي وڃي جو مريض کي کڻي ويندڙ ايمبولينس کي به رستو نه ٿو ملي سگهي، مريض اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي موت جي منهن ۾ هليا ٿا وڃن، قاسم آباد هڪ اهڙو شهر آهي جتي آفيسر طبقو ۽ زميندار ججهي تعداد ۾ رهن ٿا، جن وٽ ته گاڏيون به ججهيون ئي آهن، انهن جا نابالغ ٻارڙا به گاڏيون هلائين ٿا، جن کي ڪا به ڊرائيونگ جي قاعدي قانون جي خبر ئي ڪانهي، وچ رستن تي گاڏيون بيهاري بي پرواهه ٿي خريداري ڪن ٿا. ٻئي پاسي وري روڊن تي بيٺل ٽرئفڪ اهلڪار ڇت ڀريل سوزوڪي ۽ ٽرڪ ۽ ٽريڪٽر جو انتظار ڪندا آهن ۽ ٽئي شيون جهڙوڪ انهن لاءِ سوني جهرڪي هجي، قاسم آباد ۾ اينٽي انڪروچمينٽ سيل به آهي پوءِ به ٽرئفڪ جو مسئلو انهن کان حل ٿي نه ٿو سگهي، اينٽي انڪروچمينٽ سيل وارا سڄو ڏينهن ڊوڙندا آهن ته ڪا گڏهه گاڏي روڊ تي بيٺل نظر نه اچي، باقي ڪا ڪرولا وچ روڊ تي ڀلي 5 ڪلاڪن تائين بيٺل رهي پر پرواهه ڪانهي، آخر ۾ ٽرئفڪ ڊپارٽمينٽ کي گذارش ٿي ڪجي ته قاسم آباد مان ٽرئفڪ