قاضي آڪاش جوڻيجو
سنڌ ۾ جتي مذهبي انتهاپسندي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي، مندرن جي بيحرمتي، نفرت انگيز چاڪنگ نظر پئي اچي ۽ تعليمي نظام جي ڪمزورين جون تصويرون چٽيون ٿينديون پيون وڃن اتي رڳو ماٺار ۽ خاموشين جو راڳ آلاپڻ به سراسر انياءِ آهي ڇاڪاڻ ته جتي انتهاپسندي وارا خيال سامهون اچي رهيا آهن ۽ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن اتي ئي شهر شهر ثقافتي ميلا، ٻالڪ ميلا، عورتن جا ميڙاڪا ۽ باغين سان شام جهڙا ميڙ به ڪوٺائجن پيا. سنڌ جا ماڻهو هر پاسي ويڙهه جي ميدان ۾ موجود نظر اچن ٿا. ڪڏهن ڊيمن جي معاملن تي ته ڪڏهن ٻيٽن جي بچاءَ خاطر سنڌي عوام پنهنجي وت ۽ وس آهر ميدان عمل آهن.لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪري ۾ موجود غلام مصطفيٰ جتوئي پبلڪ لائبريري ۾ منعقد ٿيل ”ڏوڪري تعليمي ميلو“ به ان ئي تسلسل جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪو مايوسي جو جواب پڻ آهي. ڪتابي ميلي ۾ سنڌ جي ناليوارن اديبن، استادن، سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن پنهنجا پنهنجا رايا ڏنا، ان قسم جا ڪتابي ميلا ۽ ادبي ميڙاڪي سڄي سنڌ ۾ ٿيڻ گهرجن. ڇو ته صحتمند سرگرمين سان ئي صحتمند سماج جڙندا آهن، جڏهن ان قسم جون سرگرميون ٿينديون، ماڻهو هڪٻئي سان ملندا ته انهن کي هڪٻئي جي مسئلن جي ڄاڻ پڻ ملندي ۽ قومي سطح جي مسئلن کي به اهڙن ئي هنڌن تان اٿاري سگهجي ٿو، ان ڪري اچو ته تعليمي ۽ صحتمند سرگرمين سان هڪ بهتر سماج جوڙيون.