شمائلا رند
اسان جي معاشري ۾ حقن جي لتاڙ ان ڪري وڌندي پئي وڃي ڇو ته اسان هڪ ٻئي جا حق ڏسي وائسي غضب ڪري رهيا آهيون ۽ اسان مان ڪو به اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته ڪنهن ٻئي جا به سماج ۾ ايترائي حق آهن، ايتروئي حصو آهي جيترو اسان جو آهي، بنيادي طور ماڻهو جنهن به سماج ۾ رهي ٿو ان سماج اندر هن جون ڪيتريون ئي ذميواريون به آهن پر ڪير به انهن ذميوارين کي مڪمل طور نٿو نباهي ڪنهن جو ڪيترو هڪ ٻئي تي حق آهي برابري جي بنيادن تي حق ڪيئن ڏئي سگهجن ٿا اُن جي ادائيگي ڪهڙي نموني ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي،ان تي اسان سوچڻ به نٿا چاهيون،اسان جي نبي پاڪ صه فرمايو ته عربي کي عجمي ۽ عجمي کي عربي تي فوقيت نه هجڻ گهرجي سڀ انسان برابر حق رکن ٿا، بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي هر ماڻھو کي امير توڙي فقير، غريب توڙي دولتمند برابر حق رکي ٿو اسلام هڪ انسان جي حيثيت ۾ ٻنهي کي برابر رتبو ڏنو آهي. جيڪڏھن انساني حقن بابت وسيع طريقي سان ڏٺو وڃي ته ڌرتي تي هر انسان اشرف المخلوقات آهي، ۽ سماجي قانون به سڀن لاءِ هڪجهڙوآهي پر اسان ماڻهن ئي ان ۾ طبقا ٺاهي ٻين جي حقن جي لتاڙ ڪري معاشري ۾,رهندڙ بي پهچ ۽ بي سهارا پاڻ جهڙن ماڻھن کي مايوس ڪيوآهي،۽ قانون ۽ انصاف جون حدون اورانگهي به پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، مثال طور عدالتن مان صحيح انصاف يا حق نه ملڻ، قانون جي ڪوتاهين ڪري بااثرن جي بي سهارا ماڻھن تي اثر رسوخ جو وڌڻ، جنهن ۾ خاص طور اهي ماڻھون جن وٽ علم جي کوٽ آهي،پر ٻيا اهي به آهن جن وٽ ڌن، دولت، علم ۽ سياسي طاقت هجي ٿي اهي خبر وار هوندي به ٻين جا حق غضب ڪن ٿا، مثال طور هڪ طاقتور ماڻھون جيڪو پاڻ ته سمورين سهولتن سان ارآستا هجي ٿو جيئن انهن جا گهر، آفيسون، زندگي جي مڙني سهولتن سان سرشار هجن ٿيون، انهن کي ڏسي اسان هڪ ٻئي کي حيثيتن مطابق گهٽ سمجهي عزت ڏيڻ ۾ به طبقا ٺاهي ڇڏيا آهن جنهن طريقيڪار سان اسان ۾ نفرتن جو ٻج ڇٽجي چڪو آهي جنهن رت جي رشتن ۾ به نفاق پيدا ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب ماڻھون هڪ ٻئي جا برابري وارا حق ڦٻائي ڇڏين ٿا، انهن سڀني سببن جو هڪ ئي سبب اهو آهي ته يا ته ملڪ اندر قانون ۽ انصاف جي بالادستي قائم ڪئي وڃي يا،ماڻھن کي علم جهڙي زيور سان نوازيو وڃي،
هن وقت خاص طور اسان جي ملڪ جون ٻھراڙيون سئو سيڪڙو محروم ڪيون ويون آهن باشعور پڙھيل ڳڙھيل پئسي وارا ماڻھون پنهنجي نوجوانن ۽ نياڻين کي پئسن تي پڙھائين ٿا وڏين وڏين يونيورسٽين ۾ داخلائون وٺي ڏين ٿا، پرغريبن جا ٽئلينٽڊ ٻار ۽ نياڻيون وسيلا نه هئڻ ڪري گهرن ۾ ويٺل آهن، ڇا انهن جا احساس اُڌما نه کائيندا هوندا, ته اسان به پڙھي ڪنهن وڏي درجي ته پهچون، انهن کان زندگي جون سڀ بنيادي سهولتون ۽ برابري وارا حق کسيا ويا آهن، ماڻھن وٽ نه پيئڻ جو پاڻي آهي، نه انهن وٽ صحت جون سهولتون آهن، نه انهن وٽ بجلي جو بهتر نظام آهي، نه انهن وٽ روڊن جي رسائي آهي مطلب ته انهن ماڻهن کي هرلحاظ کان پوئتي رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي برابري جي حقن جو بنيادي ۽ اصل مقصد اهو ئي آهي هرانسان کي هڪجيترا موقعا ڏنا وڃن،۽ جڏهن اهي نه ملندا ته پوءِ ڦرلٽ، جهيڙا،فساد،قتل وغارتگري جهڙا واقعا رونما ٿيڻ اڻٽر آهن، ڇو ته محروميت بغاوت کي جنم ڏيندي آهي، سو برابري ۽ سراسري بنياد تي حقن بابت سماجي توڙي سوشلسٽ تنظيمون ۽ اڳواڻ آگاهي مهم ذريعي اسان جي معاشري ۾ اهو آواز عام ڪن ته خداوند تعاليٰ اسان جو خالق ۽ مالڪ آهي ڪنهن کي ڪنهن تي فوقيت ناهي سڀ انسان برابر آهيون ۽ هڪ ٻئي کي برابر حق ڏئي وڌندڙ بيچيني کي ختم ڪري ناانصافين جو ازالو ڪري سگهجي ٿو.