135

ٻارن جي بهتر تربيت سان ئي سماج بهتر ٿيندو…!

صالح بلو

ٻار قومن جو سرمايو آهن جن جي سار سنڀال ڪرڻ حڪومت ۽ والدين جو ڪم آهي، ٻار جيڪي ماءُ جي پيٽ ۾ هئڻ سان ئي حق رکن ٿا ته جيئن انهن جي صحت قائم ٿي سگهي، جنهن لاءِ خود 14 کان 45 سالن جي عورت کي ٽي ٽي ون ۽ ٽي ٽي ٽو جا ٽڪا لڳايا وڃن ٿا ته ڄمندڙ ٻار کي جهٽڪن جي بيماري نه ٿئي جيڪا اڪثر ٿيندي آهي، جڏهن ته ماءُ جي صحتمند رهڻ سان خود ٻار صحتمند رهي ٿو، ٻار ڏاڍو نفيس هوندو آهي جنهن جي صحت جو خاص خيال رکڻو پوي ٿو جيڪا صحت جي ذميواري گهڻي حڪومت تي هوندي آهي، ٻار جيڪو بنا ڪنهن رنگ نسل ذات پات جي ڄمي ٿو جيڪو نفرتن کان پاڪ امن جو پيامبر هوندو آهي، ٻار جي سڪ هر ماءُ کي هوندي آهي ته اهو سندس اکين جو تارو ٿئي ٻار محبتن جو ساٿي هوندو آهي، جيڪو به کيس پيار ڏيندو آهي ٻار ان جو ساٿي ٿي ويندو. ٻار ڄمڻ سان پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ روئندو آهي ته جيئن ماءُ ان کي پنهنجو کير پياري جيڪا ٻار جي پهرين خوراڪ هوندي آهي ماءُ جي ممتا ماءُ جي کير سان ٿئي ٿي جيڪا کيس لولي ڏيڻ سان گڏ ٻولي جو درس به ڏيندي آهي، ٻار جنهن کي ڄمڻ سان بچاءَ جا ٽڪا هڻڻ لازمي هوندو آهي، جيڪا سهولت هر اسپتال ۾ موجود هوندي آهي جڏهن ته خاص طرح ٻهراڙين وارن پري پري جي علائقن ۾ نه ته اسپتالن جي سهولت هوندي آهي نه وري ٻارن کي ٽڪا لڳايا ويندا آهن، اهڙي نموني پوليو کان بچاءَ لاءِ پڻ ٽڪا لڳايا ويندا آهن جن لاءِ اهڙيون ٽيمون ۽ اسپتالن ۾ سهولت موجود هوندي آهي، ٻار جيڪي صحتمند ماحول جا طلبگار هوندا آهن ساڳئي وقت تعليم ٻارن جو بنيادي حق هوندو آهي جيڪو هر ٻار کي مفت ملڻ گهرجي، ٻي عالمگير جنگ جيڪا 45- 1939 تائين دنيا جي ملڪن وچ ۾ لڳي جنهن ۾ ڪروڙين انسان مري ويا جن مرندڙن ۾ ٻارن پوڙهن ۽ عورتن جو گهڻو انگ هو جو فوجي ته ڀڄي سگهن ٿا ليڪن اهي نٿا ڀڄي سگهن جنگ جي ختم ٿيڻ باوجود آمريڪا جاپان جي شهر هيرو شما ۽ ناگاساڪي ۾ پهريون دفعو ايٽم بم اڇلايو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي انسان موت جي منهن ۾ اچي ويا، جنهن زمين کي اهڙو ته بنايو ويو جو اتي پيدائش ئي ڪو نه پئي ٿئي ۽ ڄمندڙ ٻار گهڻا معذور پيدا ٿين ٿا، جنهن جنگين جن ۾ پهرين عالمگير جنگ به جيڪا 18- 1914 تائين لڳي هئي ان ۾ پڻ ڪروڙين انسان مري ويا اهڙي خونريزي کان پوءِ اقوام متحده پاران دنيا اندر مختلف عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان فيصلي ۾ شامل ملڪ پابند آهن ته اهي ان تي عمل ڪندا اهڙن عالمي ڏينهن ۾ 8 مارچ تي عورتن جو ملهايو ويندو آهي، اهڙي نموني پوڙهن جو ڏينهن، ماحوليات جو ڏينهن ۽ ٻيا ڏينهن شامل آهن. هر حڪومت پابند هوندي آهي ته هو ان تي عمل ڪن ليڪن اسان جهڙا ملڪ رڳو خانه پوري ڪري ڇڏيندا آهن جڏهن ته ان ڏينهن تي وڏا وڏا جلسا ريليون، تقريبون ڪيون وينديون آهن، ٻارن کي پنهنجي حقن بابت ٻڌايو ويندو آهي، اٽڪل 36 اهڙا نقطا آهن جيڪي عالمي طور تي مڃيا ويا آهن، جن ۾هر ٻار کي آزادي هوندي آهي ته هو ڪهڙو به مذهب اختيار ڪري، ماءُ پيءُ جي جهيڙي ۾ ڪنهن وٽ به رهي. ليڪن ٻارن لاءِ ڪي به ديوارون کڙيون نه ڪيون ويون آهن، هو پنهنجي والدين سان ملي سگهن ٿا، اهڙي نموني ڏنل حقن تي نٿو عمل ڪيو وڃي جو اڄ ٻار عدم تحفظ جو شڪار آهي. معصوم ٻارن کي اغوا ڪري ڀنگ حاصل ڪيو وڃي ٿو، ٻارن ذريعي منشيات جو وڪرو ڪرايو وڃي ٿو، ٻارن کي منشيات جو عادي بنايو ويندو آهي، هر گهٽي ۾ اهڙا نشي جا واپاري موجود آهن جيڪي پوليس ۽ بااثرن جي آشيرواد سان نشو وڪرو ڪندا رهن ٿا، ٻارن کي بم ٻڌي جنگ جي وقت استعمال ڪيو وڃي ٿو، ٻارن کي ذاتي دشمني ڪري قتل عام ڪيو ويندو آهي، ٻارن ۾ نفرتون وڌيون وينديون آهن، جڏهن ته ٻار سڀ هڪجهڙا پيدا ٿين ٿا ٻار امن جا رکوالا هوندا آهن، ٻارن جا عضوا ڪڍي وڪرو ڪيا ويندا آهن، ٻارن کي معذور بنائي پنايو ويندو آهي، ٻارن جي صحت جو خيال نه رکڻ ڪري ٻار دستن، پوليو، ٽي بي ۽ ٻين بيمارين ۾ مري ويندا آهن، سچ ته اهو آهي ته جيڪي ماڻهو ذاتي دشمني توڙي ٻين سببن  ڪري ٻارن سان ظلم ڪن ٿا ايستائين جو انهن سان زنا جهڙو ڪريل ظلم ڪيو ويندو آهي، تشدد ڪري هيسايو ويندو آهي، اهڙن ٻارن جي قاتلن جي ڪو به وڪيل وڪالت نه ڪري ۽ سخت کان سخت سزائون ڏيئي ٻين لاءِ عبرت پيدا ڪئي وڃي، پر سرمائيدار ۽ جاگيرداري نظام ۽ ڪامورڪي ڪلچر ڪري بااثرن جو اهڙن ظالمن تي هٿ هوندو آهي جنهن سبب مجرم بچي ويندا آهن، جڏهن ته  جن ٻارن کي ننڍين ننڍين چورين ۾ پڪڙي جيل موڪليو ويندو آهي، انهن کي ڏوهي قيدين سان توڙي وڏن سان رهائي هٿ سان انهن جون عزتون لٽائڻ جي ڪئي وڃي ٿي، ٻارن کي هاڻي مذهبي طور طريقا ٻڌائڻ ۽ انسانيت جو درس ڏيڻ بجاءِ مذهبي طور استعمال  ڪيو ويندو آهي جو ڪيترائي فرقا پيدا ڪيا ويا آهن. ٻار مڇ جي وار وانگر هوندو آهي ان کي جنهن طرف ورائبو ان طرف ويندو ٻارن جي پالنا بنيادي مسئلو هوندو آهي ته جيئن ٻارن جي صحيح نموني سار سنڀال ڪجي،سندن صحت ،تعليم، تحفظ ۽ عزت نفس جو خيال ڪجي، منشيات جو عادي ٿيڻ کان بچائجي، منشيات جي وڪري کان بچائجي، ذاتي دشمني کان بچائجي، اغوا ٿيڻ کان بچائجي، نفرتن کان بچائجي، ٻار کي  امن جو پکي بنايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو