144

ڇا ڪو آهي جيڪو سياسي ڇڪتاڻ ختم ڪرائي سگهي؟

سهيل وڙائچ

ڇا ڪو آهي جيڪو سامهون نظر ايندڙ ٽڪراءُ کي روڪي سگهي؟ ڇا ڪو آهي جيڪو وري وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائي سگهي؟ ڪو آهي جيڪو ملڪ کي سياسي ۽ وري معاشي غير مضبوطي طرف وڃڻ کان روڪي سگهي؟ ڇا ڪو آهي جيڪو حڪومت کي مفاحمت اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي؟ ڇا ڪو آهي جيڪو مخالف ڌر جي لانگ مارچ واري انتهائي قدم کي روڪي سگهي؟ ڪو آهي جيڪو مهانگائي جي عذاب ۾ مبتلا ماڻهن کي همدردي جا ٻه ٻول ٻڌائي سگهي؟ ڇا ڪو آهي جيڪو ڪورونا جي خوفناڪ موسم ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ تي مجبور ڪري سگهي؟ افسوس اهو آهي ته هن ملڪ ۾ اهڙي ڪابه ٽين ڌر ناهي جيڪا جنگ تي راضي ڌرين جي وچ ۾ مفاهمت ڪرائي سگهي، افسوس اهو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪو هڪ به اهڙو جمهوري وڏو نه آهي، جيڪو حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ اچي وچ وارو رستو ڪڍي سگهي. افسوس ته اهو به آهي ته هن ملڪ جو ڪوبه آئيني يا جمهوري ادارو اهڙو نه آهي، جيڪو وچ جهيڙي ۾ ڪڏي پوي ۽ ڌرين کي روڪي سگهي،  افسوس ته اهو به آهي ته سامهون نظر پيو اچي ته سياسي جنگ ٿيڻ واري آهي، پوءِ به ڪوبه ادارو، وڏو يا ننڍو چري ئي نه پيو، ڇا جڏهن تڪرار جي باهه ڀڙڪي پوندي تڏهن سڀني جي اک کلندي؟  سڀني کي نظر اچي پيو ته پي ڊي ايم جي جلسن جو نئون ۽ خطرناڪ دور شروع ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ اسلام آباد طرف لانگ مارچ جو مرحلو ايندو، ظاهر آهي ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ کان اڳ اڳ ٽين ڌر کي متحرڪ ٿيڻ گهرجي ته جيئن لانگ مارچ جهڙو خطرناڪ ڪم ٿيڻ کان اڳ ئي روڪي سگهجي، حڪومت جيڪڏهن پنهنجي طاقت ۽ انتظامي هٿڪنڊن سان ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته اهڙي عمل سان سڄي ملڪ ۾ وٺ پڪڙ جو سلسلو شروع ٿيندو ۽ جيڪڏهن فري هينڊ ڏئي ڇڏي ٿي (جنهن جو امڪان انتهائي گهٽ آهي) ته پوءِ گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ امن امان جو سخت مسئلو پيدا ٿي ويندو، حڪومت لاءِ ته تحريڪ لبيڪ جي لانگ مارچ روڪڻ به ڏکيو هو، يارنهن سياسي پارٽين جي اتحاد پي ڊي ايم جو ڌرڻو ته اڃا به وڌيڪ ڳرو ٿي ويندو ۽ اهو بار حڪومت جي کڻڻ کان وڏو هوندو، جيڪڏهن ڪنهن کي ملڪ جو نظام بچائڻو آهي جمهوريت قائم رکڻي آهي، موجوده حڪومت جي مينڊيٽ کي هلائڻو آهي، مخالف ڌر جي مطالبن کي اهميت ڏيڻي آهي، ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي مضبوطي جو برقرار رکڻو آهي ته پوءِ هي ئي اهو وقت آهي جنهن ۾ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن وقت زميني صورتحال اها آهي ته حڪومت مخالف ڌر کي ايندڙ چونڊن لاءِ اصلاحن جي آڇ ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان پاڻ به نفسِ نفيس اهو بيان ڏنو آهي ته هو چونڊ اصلاحن لاءِ تيار آهي پر وزيراعظم جي اها آڇ هڪ طرح سان اپوزيشن کي چيڙائڻ جي برابر آهي، ڇو ته جڏهن به ڪن معنيٰ وارين ڳالهين جو بال اڇلايو ويندو آهي ته ان لاءِ سازگار ماحول ٺاهيو ويندو آهي، اعتماد سازي لاءِ قدم کنيا ويندا آهن، وچ ۾ ماڻهو آندا ويندا آهن جيڪي ڌرين سان ڳالهيون ڪري عمل جي قابل ۽ اتفاق وارو حل ڪڍندا آهن، وزيراعظم ته اهڙو ڪجهه به نه ڪيو آهي بس خالي ڳالهين جي دعوت ڏني، جنهن کي ظاهر آهي ته مخالف ڌر فوري طور تي رد ڪري ڇڏيو، مجموعي صورتحال اها آهي ته موجوده سيٽ اپ جي عمارت ڪجهه ان طرح سان ٺهي نڪتي آهي ته جيڪڏهن ان مان هڪ سِر به ڪڍون ٿا ته سڄو نظام ڪرڻ لڳندو، هاڻ اهو ڪو راز نه رهو آهي ته رياستي ادارن طرفان وزير اعليٰ پنجاب جي ڪارڪردگي تي اعتراض ڪري ان کي رخصت ڪرڻ جو چيو ويو پر وڏي خانصاحب اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڄاڻ اها به آهي ته ڪابينا اندر تبديلي ۽ گورننس بابت اهم مشورن کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي، رياستي ادارن کي خدشو آهي ته موجوده سيٽ اپ جي عمارت کي ٿورڙو به ڌڪو ڏنو ويو ته نظام جو هلڻ مشڪل ٿي ويندو، ان ڪري اهي  افواهه به زورن تي آهن ته مسلم ليگ (ق) ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ اختلاف ٻيهر وڌي ويا آهن، (ن) ليگ چاهي ٿي ته اها مريم نواز کي چوڌري شجاعت جي عيادت لاءِ موڪلي، حڪمران اتحاد ۾ اختلافن واري وٿي کي وڏو ڪري ۽ پنهنجي طرفان خير سگالي جو اشارو ڏئي، ٻئي طرف (ق) ليگ انتهائي محتاط آهي ڇو ته چوڌري پرويز الاهي ڪنهن واضح سگنل کان سواءِ ڪو وڏو قدم نه کڻندو، کيس ماضي جا ڪيترائي تلخ تجربا ٿي چڪا آهن، جڏهن هن اڌ پيغام کي پورو سنگل ڄاتو ۽ بعد ۾ اهو معاملو ابتو ٿي ويو، ٻئي طرف سڀ غير سياسي ماڻهو وڏي خانصاحب جي ردِ عمل کان به ڊنل رهن ٿا، پنجاب ۾ وڏي خانصاحب جي مرضي کانسواءِ ڇيڙ ڇاڙ ٿي ته خانصاحب لازمي طور تي جوابي رد عمل جو اظهار ڪندو، ڪوبه اهو نٿو ڄاڻي ته پنجاب ۾ تبديلي آڻيندي آڻيندي سڄو نظام ڌماڪي سان هيٺ ڪري پوندو، سڀ تبديلي جا خواهشمند ضرور آهن پر اهو به نٿا چاهين ته ان جي نتيجي ۾ سڄي سياسي عمارت کي نقصان پهچي، سياست ۾ ٽائمنگ جي وڏي اهميت هوندي آهي ۽ مخالف ڌر پنهنجي جلسن، جلوسن ۽ لانگ مارچ جي ٽائمنگ سيٽ ڪري ڇڏي آهي، هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت به جوابي حڪمت عملي تيار ڪئي آهي؟ ڇا ڪو لانگ ٽرم پلان آهي يا وري هر جلسي يا لانگ مارچ جي موقعي تي صرف وقتي پاليسي ٺاهي ويندي؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لانگ مارچ کان پهريان پهريان اعتماد سازي جا قدم کڻي ملڪي مضبوطي کي وڌايو وڃي، آخر ۾ پڇڻو اهو هو ته ڇا هن ملڪ ۾ ڪوبه اهڙو شخص يا ادارو نه آهي جنهن کي ٽڪراءُ روڪڻ جو خيال هجي؟ هر ڪو پنهنجي حب الوطني جو ڍنڍورو ته گهڻو ٿو پٽي پر ڪوبه اڳتي اچي هن ڇڪتاڻ واري صورتحال جو تدارڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڇو نٿو ڪري؟ ڇا جڏهن سڀاڻ ٽڪراءُ ٿي رهيو هوندو، ملڪ ۾ باهه لڳل هوندي، لانگ مارچ لاءِ قافلا اسلام آباد روانا ٿي رهيا هوندا، ڪنڊ ڪنڊ تي پوليس ۽ حفاظتي دستا انهن قافلن کي روڪي رهيا هوندا، ملڪ ۾ سياسي مضبوطي ختم ٿي ويندي، معاشي مضبوطي ختم ٿيڻ شروع ٿيندي، تڏهن سڀني کي هوش ايندو؟ پوءِ ان باهه کي وسائڻ، ڪرندڙ معيشت کي روڪڻ، ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ ۽ ويڙهه کي صلح ۾ تبديل ڪرڻ مشڪل ٿيندو ويندو، اڃا وقت آهي ته لاڳاپيل شخص ۽ ادارا صورتحال جو فوري ادراڪ ڪندي ڳالهين جو رستو کولين، ياد رکو لانگ مارچ ٿيو ته پوءِ اسيمبلين تان استعيفيٰ به پري نه رهندي ۽ اهو ٿيندو ته حڪومت هلڻ مشڪل ٿي ويندي ۽ پوءِ صرف حڪومت ئي مشڪل ۾ نه هوندي پر سڄو پاڪستان مشڪل ۾ هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو