ملڪ اندر ڪورونا جي پکڙيل ٻي لهر خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي ۽ خبرن مطابق هن وقت تائين ملڪ ۾ فوتين جو انگ وڌي 7 هزار 603 ٿي ويو آهي، 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ گذريل 4 مهينن دوران سڀ کان وڌيڪ يعني 42 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ 24 ڪلاڪن اندر سنڌ ۾ وڌيڪ 17 ماڻهو فوت ۽ هڪ هزار 199 ماڻهو متاثر پڻ ٿيا. جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ فوتين جو مجموعي انگ 2 هزار 816 ۽ متاثرن جو انگ هڪ لک 62 هزار 227 ٿي ويو آهي. صوبي ۾ هڪ ڏينهن دوران متاثر ٿيل 1199 ماڻهن مان 859 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع ڏکڻ ۾ 247، ضلع اوڀر ۾ 233، ضلع اولهه ۾ 133، ضلع ڪورنگي ۾ 109، ضلع سينٽرل ۾ 105 ۽ ضلع ملير ۾ 32 ، حيدرآباد ۾ 189، ڄامشوري ۾ 36، دادو ۾ 18، ٽنڊي محمد خان ۾ 13، قمبر ۾ 9، گهوٽڪي ۾ 6، شهيد بينظير آباد ۾ 5، سکر ۾ 5، سانگهڙ ۾ 3، شڪارپور ۾ 2 ، ٺٽي ۾2، بدين، خيرپور، مٽياري، نوشهروفيروز ۽ عمر ڪوٽ ۾ هڪ هڪ ماڻهو متاثر ٿيو. ڪورونا جا ڪيس وڌڻ سبب رات 12 وڳي کان ڪراچيءَ جي چئن ضلعن ۾سمارٽ ۽ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب سينٽرل ضلع جي 26 علائقن ۾ مائڪرو ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، ڪجهه علائقا 14 ڏينهن لاءِ سيل ڪيا ويندا، اولهه ضلع جي ٻن علائقن ۾ مائڪرو لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، گڏاپ ٽائون جي علائقن ۾ به مائڪرو لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ڪورنگي ضلع جي ٽن يونين ڪميٽيز جي 7 هنڌن تي سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويندو، ڏکڻ ضلعي ۾ سول لائين جي پوش علائقن ۾ مائڪرو لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي خيابانِ مُون، خيابانِ بدر، باٿ آئلينڊ ۽ خيابانِ اتحاد جي مخصوص گهٽين ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي. ٻي پاسي تعليم کاتي سنڌ جي اسٽيرنگ ڪميٽي صوبي ۾ تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ ۽ سياري جي موسم ۾ موڪلون نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي پر ان بابت ڪو به آخري فيصلو اين سي او سي جي سڀاڻي رٿيل اجلاس جي فيصلن جي روشني ۾ ئي ڪيو ويندو. اسان سمجهون ٿا ته پورو ملڪ هن وقت جنگي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ هي خطرناڪ وبا نه صرف پاڪستان نه پر سڄي دنيا ۾ اڃا به تباهي پکيڙي رهي آهي ۽ خاص ڪري پاڪستان ۾ هلندڙ ڪورونا جي ٻي لهر پنهنجي پهرين لهر کان به وڌيڪ خطرناڪ صورتحال اختيار پئي ڪري،
142