183

اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ جوان پڻ شهيد ٿي ويو آهي. آءِ ايس پي آر  مطابق سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي سپين وام ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، دهشتگردن پاڻ کي فورسز جي گهيري هيٺ ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ اتي موجود 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج جو هڪ جوان صدام شهيد ٿي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو