298

شهدادڪوٽ ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري زال مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو

شهدادڪوٽ(ن سوڀ) شهدادڪوٽ ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري زال ۽ مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو. شھر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد غريب آباد پاڙي ۾  ھٿيار بند مسواڙ واري گھر ۾ رھندڙ زميندار مير نويد جمالي جي گھر ۾ زبردستي داخل ٿي ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ 32 ورھين جو زميندار مير نويد جمالي ۽ سندس 25 ورھين جي گھر واري ٿڏي تي قتل ٿي ويا، واقعي کانپوءِ ھٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا،  جڏهن ته فائرنگ  سبب پاڙي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، رهواسي پوليس کي اطلاع ڪيو جيڪا واقعي واري گھر پھچي مقتول زال مڙس جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال کڻائي آندا. پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني جي نتيجي ۾ پيش آيو آهي، وڌيڪ مقتولن جا وارث اچن ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي، مقتول زميندار مير نويد جمالي جي واقعي بابت ٻڌايو ٿو وڃي ته سندس ذات جي ئي ماڻهن سان سڱاوتي معاملي تان تڪرار ھلندڙ ھو، جنهنڪري ھو ھڪ سال اڳ ڳوٺ کان لڏي اچي شھدادڪوٽ  جي غريب آباد پاڙي ۾ ھڪ مسواڙ واري جاءِ ۾ پنهنجي فيملي سان گڏ رھندو ھو جيڪو  اڄ پنهنجي وني سميت قتل ٿي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو