203

آصف زرداري پاران شميم اختر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار، شهباز شريف ۽ حمزه کي پيرول تي ڇڏڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي امڙ بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي اڳوڻي صدر ۽ پ پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي سندس پونيئرن سان ڏک جو اظهار ڪريون ٿا. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هن ڏک جي گهڙي ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پيرول تي آزاد ڪيو وڃي ته جيئن هو شميم اختر جي آخري رسمن ۾ شامل ٿي سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو