ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي مارئي هاسٽل ۾ رهندڙ 13 شاگردياڻين ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق وئي آهي، جنهن کانپوءِ ماروي هاسٽل کي سيل ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ گرلز هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردياڻين جي ڪورونا ٽيسٽ ورتي وئي هئي، جنهن بعد ماروي هاسٽل ۾ رهندڙ هڪ پرڏيهي شاگردياڻي سميت 13 شاگردياڻين جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. اهڙا نتيجا اچڻ کانپوءِ ڪورونا ۾ مبتلا پرڏيهي شاگردياڻي کي لمس اسپتال ڄامشورو جي قرنطينه سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين شاگردياڻين جي والدين سان رابطو ڪري کين اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد 5 شاگردياڻين کي سندن وارث وٺي ويا آهن. سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان نادر علي مغيري جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 13 شاگردياڻين ۾ ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ماروي هاسٽل کي سيل ڪيو ويو آهي.
385