209

ميڪسيڪو ۾ برساتي ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، 39 ڄڻا فوت، ڪيترائي بي گهر

ميڪسيڪو سٽي (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو ۾ گذريل هفتي کان پيل شديد برساتن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ  ٻوڏ سبب تباسڪو صوبي ۾ 17 ۽ چياياس ۾ 22 ڄڻا فوت ٿيا آهن. ميڪسيڪو اختيارين مطابق ٻنهي صوبن ۾ تيز برساتن سان پيدا ٿيندڙ ٻوڏ سان ڪيترائي گهر پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ هزارين ماڻهو امدادي ٽيمن جي مدد سان محفوظ جاين تي منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته ڪيترائي بي گهر ٿيا، ان کانسواءِ تباسڪو صوبي ۾ ٻوڏ سان 380 اسڪولن ۽ عمارتن کي نقصان پهتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو