197

حڪومتي اجازت نه ملڻ باوجود پي ڊي ايم جو پشاور ۾ جلسو قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ برابر آهي: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومتي اجازت نه ملڻ باوجود پي ڊي ايم جو پشاور ۾ جلسو قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ برابر آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾وڌيڪ  چيو آهي ته  ڪورونا  جهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ عوام جون زندگيون داءُ تي لڳائڻ سياسي سفاڪي ۽ ظلم آهي، معمولي سياسي فائدي جي لاءِ بي گناهه انسانن ۽ ڪارڪنن جي زندگين سان کيڏڻ برابر آهن. وفاقي وزير هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پيمرا کي عوام جي صحت جي لاءِ خطرناڪ سرگرمي نشر  ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، اسان ڪرپشن جي ڪورونا کان عوام حساب ڪتاب وٺندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو