185

پنجاب حڪومت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي امڙ بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي کانپوءِ پنجاب حڪومت مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ڪيل ن ليگي اڳواڻن شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي جيلن بابت وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پيرول تي آزاد ڪيو ويندو، پيرول تي آزادي انهن جو قانوني حق آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته درخواست اچڻ کانپوءِ کين ترت پيرول تي آزاد ڪبو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو