195

پشاور ۾ پي ڊي ايم جو ز بردست پاور شو، وقت اچڻ وارو آهي، هاڻي حساب اسان وٺنداسين، انهن سڀني کي گهر وڃڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

پشاور (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان پشاور ۾ اجازت نه ملڻ باوجود پي ڊي ايم جو ز بردست پاور شو، جلسو شروع ٿي ويو آهي، جلسي  ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مريم نواز، فضل الرحمان، محمود خان اچڪزئي، ايمل ولي خان، سردار اختر مينگل ، آفتاب شيرپائو سوڌو پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۾ شامل پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ شريڪ آهن. مقررن جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان کي بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون ان ڪري اسان کي ڪنهن کان به جلسي ڪرڻ جي اجازت وٺڻ جي ضرورت نه آهي، جلسي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ هجڻ ڪري انتظاميا طرفان حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، جلسي دوران پ پ پ جي ڪارڪنن سوڌو ٻين پارٽين جي ڪارڪنن پاران حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي پئي وڃي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته سليڪٽيڊ ۾ دهشتگردن خلاف آواز اٿارڻ جي همت نه هئي، هي  هاڻي به سٺي ۽ خراب طالبان واري راند کيڏي رهيا آهن. پشاور ۾ رنگ روڊ چوڪ تي مخالف ڌر جي پارٽين پي ڊي ايم جي جلسي ۾ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز خطاب کان معذرت ڪندي چيو ته سندس ڏاڏي لاڏاڻو ڪري وئي آهي، ان لاءِ هوءَ ڳالهائي نه ٿي سگهي. پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه بهادرن جي سرزمين آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، هتان جي عوام دهشتگردن سان مقابلو ڪيو ۽ رياست جو ساٿ ڏنو، سوات ۽ وزيرستان ۾ پاڪستان جو جهنڊو جمهوريت جي ڪري ڦڙڪي رهيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي ۾ واڌ ۽ گروپ منظم ٿي رهيا آهن، اسان ڪٺ پتلين کي ٻيهر اهو سلسلو شروع ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پختونخواهه جي عوام کي لاوارث ڇڏيو ويو آهي، سليڪٽيڊ ۾ دهشتگردن خلاف آواز اٿارڻ جي همت ناهي، هي هن وقت به سٺي ۽ خراب طالبان واري راند کيڏي رهيا آهن، اسان دهشتگردن کي ٻيهر منظم ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين. پ پ پ چيئرمين چيو ته ٻين صوبن جيان خيبرپختونخواهه کي به اين ايف سي ايوارڊ پورو نه پيو ڏنو وڃي، قبائلي ضلعا ته خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿي ويا پر اتان جي ماڻهن کي اڃا تائين حق ناهن مليا، ملڪ ۾ تاريخي مهانگائي ۽ غربت آهي، سليڪٽيڊ جو بار عام ماڻهو کڻي رهيو آهي، حڪمرانن جي نااهلي جي ڪري پهريان کنڊ ۽ پوءِ اٽي جو بحران پيدا ٿيو، اسان کي ٽوڪين ٿا ۽ اسان کي ڪورونا کان ڊيڄارڻ چاهين ٿا، انهن کي رڳو پي ڊي ايم جي جلسن وقت روئڻ ياد اچي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ آهي ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڪرپشن ۾ واڌ ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو