197

حڪمرانن خلا ف جنگ جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ ميدان خالي ڇڏڻ وڏو گناهه آهي، آمريڪين ٽرمپ کي رد ڪيو ۽ پاڪستان جو عوام هن ٽرمپ کي به رد ڪندو: مولانا فضل الرحمان

پشاور (ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪمرانن خلا ف جنگ جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ ميدان خالي ڇڏڻ وڏو گناهه آهي.پشاور ۾ حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ جو جلسو حڪومت خلاف خيبرپختونخواهه جي عوام جو ريفرنڊم آهي. هن چيو ته ڌانڌلي ٿي آهي ۽ ڌانڌلي ڪندڙن کي به سڃاڻون ٿا، اڄ دنيا جو ڪوبه ملڪ اسان سان تعلق رکڻ لاءِ تيار ناهي، ايران پاڪستان جي مقابلي ۾ ڀارت سان دوستي هلائي رهيو آهي، افغانستان اوهان تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، آمريڪا جي چوڻ تي حڪومت سي پيڪ کي ناڪام بڻايو، آمريڪين ٽرمپ کي رد ڪيو ۽ پاڪستان جو عوام هن ٽرمپ کي به رد ڪندو.  فضل الرحمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته توهان پنهنجي قوم جي نظر ۾ اعتبار جوڳا ناهيو ۽ دنيا جي نظر ۾ به ناقابل اعتبار آهيو. هن چيو ته قوم جانورن جي قوم ناهي، جيڪا اوهان جهڙن حڪمرانن کي اقتدار جاري رکڻ جي اجازت ڏئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو