146

مھانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ عوام جي سار لڌي وڃي…

نورخان بکراڻي

مھانگائي کان متاثر عوام ھر ڀيري گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ھر نئين چونڊجي آيل حڪومت جي تبديليءَ کي مھانگائي ۽ بيروزگاري ۾ واضع گھٽتائي آڻڻ جو ذريعو سمجھندي رھي آھي. پر افسوس ھر ايندڙ حڪومت مھانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ عوام کي اڳئين کان وڌيڪ مايوس ڪري ڇڏيندي آھي. وزيراعظم عمران خان جي تبديلي واري نعري کان پوءِ به غريب عوام جي حالت بھتر ٿي نه سگھي آهي. تبديلي سرڪار جي وفاقي حڪومت ته اڃا به دوائن جي قيمتن ۽ روزمرهه ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ڪورونا ۽ ڪيترن ئي مصيبتن جي ڄار ۾ ڦاٿل عوام جا اھنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن. اھو ئي سبب آهي جو مھانگائي ڏينھون ڏينھن وڌندي وڃي ٿي ۽ غريب عوام جو ته ھاڻي جيئڻ ئي جنجال ٿي ويو آهي ۽ بيروزگاري کان پريشان نوجوانن جي خودڪشين تي به ڪو ڌيان نه ڏئي رهيو آهي، اھو ئي سبب آهي جو ھر طبقي جي ماڻھن جون پريشانيون ۽ مشڪلاتون گھٽجڻ بدران روز بروز وڌي رھيون آھن. صحت، تعليم، روزگار، ملازم طبقي جون پريشانيون، تيزيءَ سان وڌندڙ مھانگائي، زراعت سان لاڳاپيل آبادگارن جا مسئلا ڏينھون ڏينھن وڌي رهيا آهن پر افسوس جو مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو جامع پلان يا مستقل حل لاءِ ڪا پاليسي ئي ڪونھي. آئون هتي اها التجا ڪندس ته غريبن ۽ مسڪينن تي ڌيان ڌري کيس جيئڻ جو حق مهانگائي تي ضابطو آڻي زندگي کي آسان بڻايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو