137

عورتن کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن….

غلام عمر شر

دنيا جتي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ تيزي سان وکون کڻندي تبديلي ڏانهن وڃي رهي آهي اتي اسان جو سماج ڪٿي بيٺل آهي؟؟ ۽ اهو به سوال آهي ته روزانو جي بنياد تي بيدردي ۽ بي رحماڻي طريقي سان نياڻين جي قتل جا ڪارڻ آخر ڪهڙا آهن؟ جتي سماجي، ثقافتي، قانوني ۽ اخلاقي حساب سان ڀاءُ ڀيڻ جو محافظ هوندو آهي پر اتي اهو ڀاءُ پنهجي ڀيڻ کي غيرت جي نالي تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏي ٿو، ڏٺو وڃي ته اسان جي معاشري ۾ عورتن کي گهربل حق مهيا نه آهن، ڪڏھن ڪنهن معصوم نياڻي جي زبردستي شادي ڪرائي ٿي وڃي ته ڪڏھن غيرت جي نالي تي ان کي خون ۾ رنڱيو ٿو وڃي، نياڻي ايتري ڪمزور نه آهي، جيترو مرد ان کي سمجهن ٿا، هتي ڪيتريون ئي ڇوڪريون ان قسم جي ظلم جو شڪار ٿين ٿيون، ان لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، جيڪي عورتن جي حقن جي بحالي لاءِ هجن، جيڪي عورتن کي مردن جي برابري جي بنياد تي حق ڏيارين، دنيا جي مھذب ملڪن ۾ عورتون اڄ برابر جا حق رکن ٿيون پر هتي عورتن کي گهٽ اهميت حاصل آهي، جنهن جو سبب شعور جي گهٽتائي آهي ۽ اهو شعور صرف تعليم حاصل ڪرڻ سان ئي ممڪن  آهي، ڇاڪاڻ ته سماج ۾ جيترو جيئڻ جو حق هڪ مرد کي آهي ايترو ئي جيئڻ جو حق عورت کي به ملڻ گهرجي، ان ڪري منهنجي اعليٰ عملدارن کي اپيل آهي ته معاشري جي بهتري لاءِ عورتن جي ڪردار کي اهم سمجهي کين حق ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو