فوزيه پريو
دنيا جيتوڻيڪ جديد ٿي وئي آهي ۽ ان ۾ هر بيماري جو علاج دريافت ٿي چڪو آهي پر ڪجهه اهڙيون بيماريون آهن، جن جي علاج لاءِ عظيم انسان جي کوجنا جاري آهي، اهڙين بيمارين ۾ ٿيليسيميا، ڪينسر ۽ تازو پکڙيل ڪورونا شامل آهن، جن دنيا کي پريشان بڻائي ڇڏيو آهي ۽ انهن جي علاج لاءِ اڄ به سڄي دنيا جا ماهر مختلف قسمن جي کوجنائن ۾ مصروف آهن، پاڻ بحث ڪنداسين هڪ اهڙي بيماري تي جنهن کي ڪينسر جو نالو ڏنو ويو آهي، هيءَ اهڙي بيماري آهي، جيڪا اصطلاحن اسان وٽ عام ٿي وئي آهي، مثال طور سماج جي ڪنهن به اهڙي مسئلي جيڪو حل طلب هجي ان لاءِ پاڻ اهو چوندا آهيون ته الله هن ڪينسر مان اسان جي جان ڇڏائي، ڪينسر هڪ بيمارين جو مجموعو آهي جنهن ۾ بيمار جيو گهرڙا پنهنجي طاقت سان جسم جي مختلف حصن ۾ پکڙجي ويندا آهن ۽ اهي بي قابو بڻجي نارمو ٽشو سيلس کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن، جن جي جاءِ تي بيمار جيو گهرڙا وڌي ويندا آهن ۽ اهڙي بيماري جنم وٺندي آهي. ڪينسر جي مرض جي شروعاتي نشانين ۾ ٿڪاوٽ، جسم جي جنهن حصي تي ڪينسر هجي اهو حصو ٿلهو ٿي وڃڻ، وزن جي گهٽتائي يا واڌ، چمڙيءَ ۾ تبديليون جيئن پيلاڻ، ڳاڙهاڻ وغيره، ساهه ۾ تڪليف، کنگهه، هاضمي جو مسئلو، بخار وغيره شامل آهن. ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪينسر بيماري نه آهي پر ماڻهو صرف ان جي بيحسي سبب مري ويندا آهن، ماهرن مطابق جيڪڏهن هيٺين طريقن تي عمل ڪيو وڃي ته ڪينسر ختم ٿي سگهي ٿي.1. هر طرح جي کنڊ کائڻ ختم ڪرڻ گهرجي، ڇو ته جسم ۾ کنڊ جو مقدار نه هجڻ برابر هوندو ته ڪينسر جا جيوگهرڙا جسم جي بچاءَ واري قوت جي طور تي ختم ٿي وڃن ٿا، 2. هڪ گلاس پاڻي گرم ڪري ان ۾ ليمي جو رس ملائي صبح جو سوير خالي پيٽ پيئڻ سان به ڪينسر جي مرض جو خاتمو ممڪن آهي، 3. روزانو 3 چمچا نامياتي ناريل جو تيل کائڻ سان به ڪينسر جي مرض تي اثر پوي ٿو ۽ اهو آهستي آهستي ختم ٿي وڃي ٿو، اهو ئي سبب آهي ته ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪينسر لاعلاج نه پر علاج جي قابل مرض آهي، ڪافي اهڙا به ڪيس ملندا جن مريضن ۾ ڪينسر ختم ٿي وڃي ٿو، پر ڇا اصل زندگيءَ ۾ اهي سڀ شيون اثر ڪنديون آهن، ڇا ڪينسر ڪيموٿراپي ۽ آپريشن کانسواءِ به ختم ٿي سگهي ٿي؟ اچو ته ڪينسر جي قسمن کي ڏسون. ڪينسر جا مختلف قسم آهن، جن ۾ ڇاتي جي ڪينسر، بڪين جي ڪينسر، ڦڦڙن جي ڪينسر، پتي جي ڪينسر، آنڊن جي ڪينسر، وات جي ڪينسر، دماغ جي ڪينسر ۽ اووري جي ڪينسر انهن سڀني قسمن جو علاج مختلف طريقن سان ڪيو ويندو آهي، جيئن سرجري، ڪيموٿراپي، ريڊيئيشن (برقي لهرون) امينيوٿراپي، هارمون ٿراپي، ٽارگيٽ ڊرگ ٿراپي، ڪرائيوبليشن وغيره وغيره. سرجري دوران ناسور ٿيل زخم کي جسم کان الڳ ڪيو ويندو آهي. ته جيئن انهن جي جاءِ تي نارمل ٽشو سيلس وڌي سگهن، ۽ بيمار جيوگهرڙن تي ڪنٽرول ڪري سگهجي. ڪيموٿراپي جنهن کي اسان ڊرگ ٽريٽمينٽ به چئي سگهون ٿا، ان ۾ طاقتور ڪيميڪل استعمال ٿيندا آهن جيڪي ڪينسر جي جيو گهرڙن جي واڌ کي روڪيندا آهن، ڪيموٿراپي به ڪافي قسمن جي ٿيندي آهي.ريڊيئيشن ٿراپي ۾ مشينن جي مدد سان هاءِ ڊوز ذريعي سخت قسم جا شعاع ڏئي ڪينسر جي سيلس کي وڌڻ کان روڪيو ويندو آهي امينيوٿراپي جي قسم ۾ دوائن جي ذريعي مريض جو اميون سسٽم برقرار رکيو ويندو آهي ۽ دوائن سان ئي ڪينسر جا بيمار جيو گهرڙا مڪمل طور تي ختم ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته هارمون ٿراپي ۾ صرف ڇاتي جي ڪينسر جو علاج ڪيو ويندو آهي، ٽارگيٽ ڊرگ ٿراپي ۾ مختلف قسمن جون دوائون استعمال ڪري مخصوص جين ۽ پروٽين کي نشاني تي رکيو ويندو آهي، ڪرائيوا باليشن ٿراپي ۾ هاءِ ليول جي ٿڌ سان علاج ڪيو ويندو آهي، هتي احتياطي اپائن بابت ڪجهه ٻڌائيندي هلان ته ڪينسر کان بچڻ لاءِ ماهر جي ڪي احتياطي اپاءَ ٻڌائين ٿا ته انهن ۾ تماڪ جي استعمال تي پابندي، سج جي تيز روشني کان بچڻ، غذا جو خيال، پنهنجي ڪٽنب جي ميڊيڪل هسٽري جانچڻ وغيره شامل آهن.