ول ڊيورانٽ: طفيل مگسي
اناطول فرانس: سائين، جنهن کي اڄڪلهه برٿ ڪنٽرول چيو ٿو وڃي ان کان الائجي اوهين واقف آهيو يا نه، منهنجو خيال آهي ته اوهان ان تي عمل نه ڪيو هوندو. ڪيٿولڪ ڪليسا پنهنجي جهوني جڳ واري ڏاهپ کان ڪم ورتو ۽ پنهنجن پوئلڳن کي برٿ ڪنٽرول کان جهلي ڇڏيو ۽ ماٺ ڪري پنهنجي ان پاليسيءَ جا نتيجا پئي ڏسي. پروٽيسٽن جي ڏاهن ماڻهن ۾ ٻار گهٽ پئدا ٿيڻ جي ڪري جرمني ۽ پوءِ آمريڪا ۾ ڪيٿولڪ وڌندا ويا. جيڪڏهن ڪليسا جي اها پاليسي ڪامياب ٿي (ڪليسا جي ان خاموش دور انديشيءَ ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون) جڏهن ته برٿ ڪنٽرول سان مذهب جي سڌاري ۽ نشاة الثانيه جهڙيون تحريڪون ختم ٿي ويون…. ته ڇا اوهان جي خيال ۾ ته اسان کي تاريخ جي حياتياتي تشريح جي ضرورت آهي. مارڪس: اوهان غلط ٿا چؤ گهٽ ٻار پئدا ڪرڻ جا سبب ڪهڙا آهن. ان جا سبب اقتصادي آهن. زندگيءَ جو معيار وڌي ويو آهي. شهرن ۾ ماڻهن جو انگ تمام گهڻو ٿي ويو آهي. ورهاست وارا قانون جيڪي اوهان جي ملڪ ۾ لاڳو آهن، انهن سان ماءُ پيءُ مجبور هوندا آهن ته هو پنهنجن پٽن کي هڪ جيتري ملڪيت ورهائي ڏين. گرانٽ: اوهان کي اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته ڪڏهن ڪڏهن نسلي سبب اقتصادي سببن کان وڌيڪ اهم هوندا آهن. مارڪس: هرگز نه.گرانٽ: ته پوءِ اوهان ايشيا تي يورپ جي نارڊڪن جي فتح جو ڪهڙو سبب ٻڌائيندا. مارڪس: ان جو سبب اهو اتفاق آهي ته يورپ ۾ صنعتي انقلاب پهرين آيو. اوهان ڏسندا جڏهن چين ۾ صنعتي انقلاب آيو ته پوءِ اوهان جا نارڊڪ ڪئين ٿا ايشيا مان ڀڄن. گرانٽ: پر مون گهڻو ڪري (مثال طور آمريڪا ۾ هٽ تالن ۽ صدارتي چونڊن وقت عوام کي اقتصادي سببن جي ڪري نه پر نسلي سببن جي ڪري) گروهن ۾ ورهايل ڏٺو آهي. مارڪس: فرد ۽ جماعتون گهڻو ڪري اهڙن غير اقتصادي سببن، جهڙوڪ: نسلي، مذهبي، وطني ۽ جنسي، کان متاثر ٿيندا آهن پر جڏهن انهن فردن ۽ جماعتن جا عمل تاريخي لحاظ کان اهم ٿيا آهن، تڏهن هو انهن شخصيتن جي اثر هيٺ ايندا آهن، جن کي اقتصادي قانون جو پورو شعور هوندو آهي. اهي سياستدان جيڪي جوشيلي تقريرن ۽ اتساهه پئدا ڪندڙ موسيقي سان سپاهين کي جنگ جي ميدان ۾ موڪليندا آهن ڇا انهن کي اقتصادي سببن جي ڄاڻ نه هوندي آهي. چوندا آهن ته ڪولمبس هندي ٻيٽ ان ڪري ڳولهيا جو هن اتي عيسائيت پکيڙي پوپ کي خوش ڪرڻ ٿي گهريو. ٿي سگهي ٿو ته ائين هجي، پر اها ڳالهه پڪ سان چئي نٿي سگهجي ته ان پوڙهي جي دماغ ۾ ڪهڙا خيال هئا. پر ڇا اوهان اها ڳالهه مڃي سگهو ٿا ته فرڊيلنڊ ۽ ازبيلا به انهن سببن جي ڪري هن جي مدد ڪئي، فردن جو عمل غير اقتصادي به ٿي سگهي ٿو، ٿي سگهيو ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي، پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجن هم وطنن کي پنهنجن ديوتائن تي قربان ڪري ڇڏين، پر اهڙا چريائپ وارا ڪم قومن جي عروج ۽ زوال جو سبب نه ٿيندا آهن. مان فردن تي اقتصادي جبريت لاڳو نٿو ڪيان. وليم جيمز: اوهان جي ڳالهه ٻڌي خوشي ٿي، مان سمجهندو هئس ته اخلاقي قوتون به تاريخ تي اثر انداز ٿينديون آهن. جيئن وِلبر فورس ۽ گيريسن جي غلاميءَ خلاف پئدا ڪيل نفرت، پر اوهان منهنجي اصلاح ڪري سگهو ٿا. مارڪس: تاريخ ۾ اخلاقي قوتن ۽ قدرن جي ڪا حيثيت ڪانهي، هر عظيم واقعي جي پٺيان اقتصادي قوتون ڪم ڪنديون آهن. گيريسن رڳو پنهنجن اخلاقي واعظن سان غلامي خلاف ڪاميابي حاصل نه ڪئي. لنڪن جڏهن غلامن کي آزاد ڪيو ته اهو هن جو ڏکڻ جي رياستن کي ڪمزور ڪرڻ وارو جنگي قدم هو، هن چٽن اکرن ۾ چيو هو ته جيڪڏهن غلامن جي غلام رهڻ سان امن قائم ٿئي ها ته هو غلامن کي آزاد نه ڪري ها، ڏکڻ جي رياستن اتر جي رياستن کان ڌار ٿيڻ ٿي گهريو ڇاڪاڻ جو هنن تي ڳرا ٽيڪس مڙهيل هئا ۽ هنن کي پڪ ٿي وئي هئي ته هو ڪانگريس تي پنهنجو اثر قائم رکي نه سگهندا، جڏهن ته اتر جي رياستن ڏکڻ جي رياستن کي پنهنجي مال جي منڊي ۽ خوراڪ ۽ ڪچي مال جو وڏو ذريعو ٿي سمجهيو، ان ڪري هنن انهن رياستن کي پاڻ سان گڏ رکڻ ٿي گهريو. اعليٰ مقصد ۽ آدرش رڳو ڍڪ هوندا آهن، هر حال ۾ مقصد ڪانه ڪا مادي ضرورت هوندو آهي، جنهن کي سهڻن لفطن سان سينگاري اخلاقي آدرش جو نالو ڏنو ويندو آهي. اناطول فرانس: اها ڳالهه اوهان اشتراڪيت جي مقصدن سان به لاڳو ڪندا. مارڪس: بلڪل! اناطول فرانس: افسوس! (حصو آخري)