پيار علي چانڊيو
سنڌ ڪيتري عرصي کان عورتن ۽ معصوم ٻارڙن لاءِ مقتل گاھه بڻيل آھي، جنھن ۾ وحشتن کان ويندي اھڙا ته لڱ ڪانڊرائيندڙ واقعا سامھون اچي رھيا آھن جو انسانيت جو ڪنڌ شرم کان مٿي نٿو کڄي سگھي، امن جو آلاپ بڻيل ڌرتي رھزنن جي رانڀوٽن سان وحشت جي تاريخ طرف وڌي رھي آھي، ڪٿي چئن سالن جي ابھم عليشا سان انسانيت سوز درندگي ته ڪٿي وحشت بعد قتل ڪري باھه ۾ بسم ڪيل نمره رند جو سرد لاش ڏنو پيو وڃي، ڪجهھ ڏينھن اڳ ڄام صاحب واري علائقي ۾ ڪمند جي فصل مان سڙيل جسم واري حالت ۾ 14 ورھين جي ناري جو لاش ھٿ آيو ھو جنھن جي ابتدائي سڃاڻپ نمره رند نالي سان ٿي ھئي ۽ اھڙي تصديق سندس وارثن ڪئي ھئي، 14 ورھين جي نمره جو سڙيل لاش ڪمند جي فصل تائين ڪيئن پھتو اھو ته قانون ۽ معاشري لاءِ ھڪ سنگين سوال ھو، پر نمره جي معصوميت واري مند ۾ ٿيل موت وارثن لاءِ ھڪ قيامت برپا ڪئي ھئي، جاءِ واردات جي تصويرن مان زمين تي پيل نمره جي لاش مٿان ڳاڙھي چادر پيل ھئي جيڪا سھاڳڻ کي سينڌ ۾ سندور پارائڻ وقت ڏني ويندي آھي پر نمره سھاڳڻ بڻجڻ کان اڳ اھا چادر اوڍي ھميشه لاءِ ھيءَ دنيا ڇڏي موڪلائي چڪي ھئي، معصوم نمره رند جي سوڳ واري ٽن ڏينھن کانپوءِ قانون جي گھرجن مطابق حد جي ٿاڻي تي نمره جي موت جو ڪيس داخل ڪرائي انصاف جو اوسيئڙو ڪري ويھي رھيا ۽ قانون جي رکوالن نمره جي بيرحماڻي قتل جي گھڻ رخي جاچ شروع ڪري ڇڏي، ھونئن سنڌ ۾ ٿيندو ائين آيو آھي ته ڪٿي به وحشت ڀريو قتل ٿيندو آھي ته پوليس عملدار ڪاغذي ڪارواين جي پوراءَ لاءِ متاثرن کي ٿاڻن جا چڪر لڳرائي انصاف جي اميد تان ھٿ کڻائي ڇڏيندا آھن، پر نمره جو قتل شايد نه لڪڻو ھو ۽ رت جي رشتن جي اوٽ ۾ ويٺل وحشي بگھڙن کي نروار ڪرڻو ھو. پوليس نمره جي قتل جي جاچ گھر کان ئي شروع ڪئي، جنھن ۾ گھر جي ڀاتين کان جاچ واري مرحلي ۾ آڏي پڇا ڪئي وئي جنھن ۾ رت جي رشتي جي کل ۾ ويڙھيل قاتل سندس ڀاءُ ئي نڪتو، جنھن اھڙو اعتراف ڪيو جنھن انسانيت کي لوڏي ڇڏيو آھي، نمره جي قاتل ڀاءُ افتخار رند پوليس آڏو سڀ ڏوھه باسيندي ٻڌايو ته نمره رشتي ۾ سڳي جيجل ڄائي ڀيڻ ھئي پر ڪجهھ عرصي کان مون کيس اندر جي حوس پوري ڪرڻ لاءِ تنگ ڪيو ۽ نيٺ مجبورن انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي پنھنجي شيطاني عمل ۾ ڪامياب ٿي نمره سان ناجائز لاڳاپا رکيا ۽ اھو سلسلو ڪيترو وقت ھلندو رھيو، نمره منھنجي ڪُڌي عمل تي سدائين خوفزده رھندي ھئي ۽ ھن گھر وارن کي سڄي ماجره ٻڌائڻ پئي چاھي، جنھن کي مان ڪنھن بھاني سان زمين تي وٺي ويس جتي گھٽا ڏئي ماري لاش کي باھه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھارين جي پھچڻ شرط مان واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿي ويس اھڙي طرح نمره جو قتل مون ھٿان ٿيو آھي، اهڙي وحشي صفت ڀاءُ افتخار جي اھڙي انڪشاف بعد سندس امڙ تان ڇا گذري ھوندي جنھن پنھنجي ٿڃ جو حق ڌيءُ نمره کي به ادا ڪيو ھوندو ته پُٽ افتخار کي به ان عظيم رشتي جي سُتي اندر ۾ اوتي ھوندي پر ھن جيجل کي ڪھڙي خبر ته ھي وحشي ڀاءُ ڀيڻ جي لوئي ۽ لڄ جي رشتي کي برقرار رکڻ بدران آبرو جو مندو ٿي پنھنجي بگھڙ واري حوس پوري ڪري ڀيڻ ڀاءُ واري رشتي جي ڀرم کي ھميشه ختم ڪري وحشين جي صف ۾ بيھندو. وحشي بگھڙ رت جي رشتن مان جنم وٺي رھيا آھن آخر اسان جي سنڌ کي ڪنھن جي نظر لڳي وئي ھي اھا سنڌ آھي جتي نياڻين کي ست قرآن برابر سڏيو ويندو ھو، سنڌ ڌرتي تي حوس جي پوڄارين جو رھڻ ڪيئن ممڪن آهي. خدا پنهنجي قھر جا در ڇو انھن ماڻهن لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن، وقتي طور تي دل مطمئن نٿي ٿئي، پر وري خدا تي يقين آھي، يقينن خدا انھن کان ضرور حساب وٺندو، پر انسان جي ھٿ جا ٺاھيل قانون ۽ عدالتون ڇو ماٺ جي ورچڙھيل آھن، شايد عدالتن ۾ رکيل انصاف جي مورتين جي اکين تي جيڪي ڪاريون پٽيون ٻڌل آهن، سي قانون سڀني لاءِ برابر جي بنياد تي ناھن ٻڌل اھا ڪاري پٽي ڄڻ ته انصاف جي اکين ۾ ٻڌل پٽي آھي ۽ لڳي ٿو ته قانون جي ھٿن کان وحشين جا ھٿ ڊگھا آھن، تڏھن انھن کي وقت تي سزا نٿي ڏني وڃي، نتيجي طور دردناڪ واقعا رڪجڻ بدران وڌي رھيا آھن، جيڪڏهن ھن مھل تائين صرف ھڪ ئي رھزن کي ڪنھن چوراھي تي سرعام ڦاسي تي لٽڪايو وڃي ھا ته شايد ھن مھل نمره رند وحشي صفت انسان جي حوس جو شڪار نه ٿئي ھا نه وري سندس سڙيل لاش ملي ھا پر اسان جي سماج ۾ اھڙي قسم جي واقعن ۾ ملوث ماڻھن کي ڪڏھن به عبرتناڪ سزائون نه ٿيون ملن، تڏھن امن واري ڌرتي ۾ رھندڙ نمره جھڙيون معصوم نياڻيون محفوظ ناھن، آئون سمجهان ٿو ته جيستائين اهڙن وحشي صفت ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچايو ويندو تيستائين روز اهڙا واقعا اسان جي سامهون ايندا رهندا ۽ نمرا رند جهڙيون معصوم نياڻيون ڪنهن نه ڪنهن وحشي جي حوس جو نشانو بڻجنديون رهنديون، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ڪي ٺوس قدم کنيا وڃن ته جيئن روزانو جي بنياد تي پيش ايندڙ اهڙن واقعن کي ڀرپور نموني منهن ڏئي سگهجي ۽ نياڻين جي حرمت کي برقرار رکندي وحشي صفت انسانن کان کين چادر کي محفوظ بڻائي سگهجي ۽ عورتن جي حقن ۽ تحفظ بابت ڪي ٺوس قانون جوڙي کين جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ته جيئن هو به برابري جي بنياد تي پرامن زندگي گذاري سگهن، نه ته اسان لاءِ اهڙن واقعن کي روڪڻ انتهائي ڏکيو ٿي پوندو، ۽ اسان جون نياڻيون غير محفوظ بڻيل رهنديون.