168

معاشي خساري جي ڪهاڻي…!!!

رياض ابڙو 

ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو ڇا آهي؟ معنيٰ حڪومت جي خرچن ۽ خزاني ۾ ايندڙ رقم برابر هجي، ان ڏس ۾ حڪومت جي سدائين ڪوشش رهندي آئي آهي ته ٽيڪسز، ڍل ۽ مٿڪي جي سيڪڙي ۾ واڌ ڪري رقم خزاني ۾ آندي وڃي ۽ ائين وري ان ايندڙ آمدني ۽ سرڪاري خرچن ۾ توازن رهندو اچي ته جيئن خزانو سدائين ڀريل هجي، حقيقت ۾ حڪومت جو به اهڙو قانون جڙيل آهي، جو عام ۽ خاص ماڻهو رياست اندر ڪجهھ نه ڪجهھ ڪري ۽ هر صورت ۾ ٽيڪس ڏيندو رهي، پوءِ اهو ٽيڪس ڪنهن به ”مينوفيڪچرنگ فرم يا فيڪٽريءَ“ تي هجي، جيڪو ڪا به شيءِ ٺاهي مارڪيٽ ۾ آڻي وڪڻي، ايڪسپورٽ يا امپورٽ ڪري پر ٽيڪس جا پئسا ڏيندو رهي، جيڪي ڦري گهري حڪومت جا خرچ کاٻار پورا ڪندا رهن، وري امپورٽس جون ڪيتريون به شيون هجن، سئيءَ کا وٺي اُٺ تائين معنيٰ جيڪي به شيون ملڪ اندر اچن اهي هڪ مخصوص ٽيڪس جي دائري ۾ اينديون رهن ۽ انهن تي لڳل ٽيڪس حڪومت جي اڪائونٽ ۾ ايندي رهي ۽ حڪومت جا اهڙي طريقي سان جيڪي به بجيٽ ڊيفيسٽ ٿين اهي پورا ٿيندا رهن، پوءِ خرچ به ٿيندا رهن، اڪائونٽ به ڀربو رهي، هتي ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو پوري ڪرڻ جا انڊيڪيٽرز گهڻا ٿي سگهن ٿا، جيئن امپورٽس، ايڪسپورٽس، ملڪي معدني شيون يا ملڪ جا ادارا: جيئن گئس، بجلي، ايڪسائيز ۽ ٽيڪس جا ادارا وغيره، جن جي ڪمائڻ سان خزانو ڀرجندو ٿو رهي، وري جيتري بجلي مهانگي ڪندا اوترا ٽيڪس جا پئسا حڪومت جي اڪائونٽ ۾ ويندا رهندا، پر اها به حقيقت آهي ته هيل تائين اڳين حڪومتن عوام جي مٿان ايترا ٽيڪسز نه هنيا هئا، جيترا هن حڪومت گذريل بجيٽ ۾ هنيا، پوءِ انهن جي نتيجي ۾ جيڪا آمدني ٿئي ٿي اها بجيٽ ڊيفيسٽ پورا ٿي ڪري، معنيٰ خسارو بحال آهي پر ائين نه ٿو چئي سگهجي ته معيشت بحال آهي، يا ماڻهن جي ”پر ڪيپيٽا انڪم“ وڌي وئي آهي.   مارڪيٽ جو ”حجم“ هڪ تخميني تحت وڌي ويو آهي، بزنس مين جيڪو مثال طور روز پنج هزار ڪمائيندو هو، اهو هاڻي شين جا اگهه وڌڻ کانپوءِ سوايو ٿو ڪمائي، معنيٰ ان جو ”حجم“ يا تخمينو وڌي ويو آهي، پر مهانگائي جي وڌندڙ سيڪڙي سبب ان جي منافعي جي شرح ساڳي ٿي بيهي، ڇو ته هن کي به اهي ساڳيون شيون ساڳي مارڪيٽ مان مهانگيون وٺڻيون ٿيون پون، هو به انهن شين کان آجو ناهي، اهو به مهانگائيءَ جو شڪار ٿئي ٿو، مهانگائي جا وڏا ”انڊيڪيٽرز“ يا سبب ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائي ۽ امپورٽ ۾ واڌ ٿي سگهن ٿا، جيتوڻيڪ اسان زرعي ملڪ آهيون ته اسان کي ته پنهنجون سبزيون ۽ ڀاڄيون سستيون ملن پر اسان سدائين خساري جي بحران جو پوراءُ ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهيون، اسان ته ”بجيٽ ڊيفيسٽ“ پورو ڪرڻ لاءِ ٻيڻا ٽيڪس هڻندا آهيون،”ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو پورو ٿي ويو“، ان ۾ عوام جو ڪهڙو فائدو، مهانگائي ته ساڳي رهندي، ڇو ته ”ايڪسپورٽ“ ته وڌن ئي ڪونه ٿيون، ”پرڪيپيٽا انڪم“ ته وڌي ئي نه ٿي، اسان جي شين جي مارڪيٽ ويليو ئي ناهي، ۽ امپورٽ وڃن ٿيون وڌنديون، مثال طور جيڪا امپورٽ اسان 2000 ڊالرز ۾ ڪندا هئاسين اها ٻيڻي اگهھ تي خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجو ناڻو ٻيڻو استعمال ٿا ڪيون، جنهن لاءِ اسان جو خزانو ڀلي خالي ٿئي پر اسان ته ڪرنٽ اڪائونٽ جي خساري پوري ٿيڻ ۾ خوش آهيون، اسان جي خزاني ۾ ڀلي ٽڪو به نه بچي، اسان ته نعرا ٿا هڻون.   ڏسجي ته هيل تائين اسان وٽ ايڪسپورٽ جي واڌ ئي رهي آهي، اسان جي ”گراس ڊوميسٽڪ پروڊڪٽس“ (جي ڊي پي) جيڪا 2018ع ۾ 4.85 سيڪڙو هئي هاڻي وڃي 0.99 سيڪڙو رهي آهي، وري ايڪسپورٽس جيڪا 2019ع ۾ 1.19 سيڪڙو هئي ۽ 2020ع ۾ گهٽجي -0.38% تائين پهتي آهي، اسان ته رڳو ڪرنٽ اڪائونٽ جي خساري جي پوري ٿيڻ تي خوش آهيون، باقي ڪنهن شيءِ تي توجهھ ئي ناهي، ڪَنَ لاٽار آهي، يا وري هن سرڪار جي اها شيءِ چوڻ آسان آهي ته ”اڳين حڪومتن جي ڪري ائين ٿيو آهي“ نه ته هي به ماکي جون نديون وهائڻ وارا هئا، عجيب ذهني پهچ آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ جي خساري سان ٿيندو ڇا؟ پيٽرول جا اگهھ وڌائي هي سدائين ”بجيٽ ڊيفيسٽ“ پورا ڪندا آهن، مهانگائي ڪري مارڪيٽ جو ”حجم“ وڌائي رهيا آهن، انڊسٽيريل سيڪٽر جي گروٿ 2019ع ۾ -2.27% ۽ 2020ع ۾ گهٽجي وڃي -2.64% بيٺي آهي، مائيننگ سيڪٽر جي گروٿ 2019ع ۾ -3.19% ۽ 2020 ۾ گهٽجي وڃي -8.82% بيٺي آهي، مينوفيڪچرنگ سيڪٽر جي گروٿ 2019ع ۾ -0.66% هئي جيڪا 2020ع ۾ گهٽجي -5.56% بيٺي آهي، وري لارج اسڪيل وارين شين جي پروڊڪشن 2019ع ۾ هئي وري 2020ع ۾ گهٽجي -2.56% بيٺي آهي، وري ڪمند جي پوک 2019ع ۾ 67.1% هئي ۽ 2020ع ۾ گهٽجي 66.9% بيٺي آهي، وري سروس سيڪٽر 2019 ۾ 3.75% هئي، جيڪا 2020ع ۾ گهٽجي -0.59% بيٺي آهي، مهانگائي جي شرح 2016ع ۾ 2.9% سيڪڙو هئي جيڪا 2020ع ۾ وڌي %11.2 ٿي وئي آهي، سرڪاري آمدني جي شرح 2019ع ۾ 4900.7 ملين ڊالرز هئي جيڪا 2020ع ۾ 6272.2 ڊالرز معنيٰ وڌي وئي، وري ٽيڪس ڪليڪشن 2019ع ۾ 3829.5 ڊالرز هو ۽ 2020ع ۾ 3997.9 ڊالرز معنيٰ ڪليڪشن ۾ واڌارو ٿيو وري سرڪاري خرچ 2019ع ۾ 8345.6 کان وڌي 2020ع ۾ 9648.5 ڊالرز رهيو جيڪي واضع انڊيڪيٽرز آهن جن سان حڪومتي خساري ۾ ته اضافو ٿيڻو هو. معيشت ڇا آهي، معنيٰ عام ماڻهن جا جيڪي به معاش جا ذريعا آهن جن ذريعي انهن جو پيٽ پلجي ٿو، جن جي روز جي ڪمائي ڪئي انهن جي زندگي جي گذر سفر جو سبب بڻجي ٿي، جن جي سهاري اهي جيئن ٿا، معنيٰ زرعي بيلٽ ۾ ماڻهو مزدوري، هٿن جو پورهيو، جسماني ڪم ڪار، يا جتي صنعتون آهن اتي وري اهي ٽيڪنيڪل ڪم ڪاريون ڪن ٿا ته اهي به معاش جا ذريعا هجن ٿا، جن جي ڪري انهن ماڻهن جي گذر سفر جا وسيلا وڌن ويجهن ٿا، معنيٰ انهن ماڻهن جي نوڪري ڪرڻ جي بدلي جيڪا انهن وٽ آمدني ٿئي ٿي اهي ”مارڪيٽ جي ايڪٽوٽي“ جو سبب بڻجن ٿا، ڇو ته هڪ ”نوڪري“ يا ”روز جي ڏهاڙي“ سڄي خاندان جي ڪفالت جو سبب بڻجي ٿي، ڇو ته اهي پنهنجي سڄي ڪمائي پونجي جو اٽو، ٻاٽ، گيھه، کنڊ، لٽو، اجهو، اسڪولي ڪتاب ۽ گهر گهاٽ جا سڀ خرچ ڪري ”مارڪيٽ ۾ چرپر“ آڻن ٿا، جنهن سان معاشي گهرج پوري ٿئي ٿي، انهن جي انهن ضروري شين خريد ڪرڻ سان مارڪيٽ ۾ آندل شين جي چرپر سان مارڪيٽ ۾ وري نيون شيون اچن ٿيون، معني اهي شيون جيتري تيزي سان حرڪت ڪنديون اوتري تيزي سان مارڪيٽ ۾ واڌ ٿيندي، ۽ شين جي جيتري چرپر يا خريد يا وڪرو ٿيندو يا جيترن ”تهن“ مان گذرنديون اوترو ماڻهن ۾ خوشحالي ايندي، وري هڪ ٻيو مثال آهي ته هڪ ماڻهو جيڪو مينهن يا ڳئون جو کير ڏهڻ شرط ئي ماڻهن تائين پهچائي ”ڪنزيوم“ ڪرائي يا کپائي ٿو ته ان ۾ مُکُ ڪردار صرف کير کپائڻ ۽ وٺڻ واري جو ئي هجي ٿو، پر جي ساڳو ئي کير وري مختلف طريقن يا طبقن مان گذري يا گهمي ڦري ۽ هڪ خاص طريقي سان ماڻهن تائين پڄي ٿو ته اتي هڪ صنعت جنم ٿي وٺي، مثال طور وڏي پيماني تي کير جي گڏ ڪرڻ سان اهي هڪ ”ٽيٽرا پيڪ“ معنيٰ دٻن جي شڪل ۾ ماڻهن تائين جي پڄي ٿو ته ان ۾ ”پيڪيجنگ ۽ ٽرانسپورٽيشن انڊسٽري“ ماڻهن جي روزگار جا ضامن هجن ٿا، معنيٰ پاٺي جي صنعت، مزدوري، دڪانن جي اسٽوريج ۽ وري ماڻهن تائين ”سپلاءِ“ جهڙا عنصر آهن، جيڪي روزگار جا وسيلا آڻين ٿا، جيڪي هڪ زبردست ”گهريلو انڊسٽري“ کي جنم ڏين ٿا، اها شيءِ سڀني ”پيدا ۽ ٺهندڙ“ شين تي لاڳو ڪري سگهجي ٿي، پر اهڙي ”گهريلو صنعت“ ۾ حڪومت جي وري به ضرورت پوي ٿي جيڪا ماڻهن کي انهن گهريلو صنعتن تي لڀائي ۽ ماڻهن کي ننڍڙا ننڍڙا قرض ڏئي ماڻهن جي ”مينٽورنگ“ ڪري انهن کي صلاح ڏئي ايڏا روزگار جا وسيلا پيدا ڪري سگهي ٿي. عمران خان ته پاڻ ٿو مڃي ته ”ايڪسپورٽس“ وڌڻ سان ئي مهانگائي گهٽ ٿي سگهي ٿي، پوءِ معيشت ڀلا ڪيئن بحال ٿي، جڏهن اسان ”ايڪسپورٽس“ نه وڌائينداسين، اسان جي ”پر ڪيپيٽا انڪم“ نه وڌندي، اسان رڳو ”امپورٽس“ وڌائڻ ۾ پورا هونداسين، اسان وٽ ته ٻاهرين شين جي استعمال ڪرڻ جو ”ڪلچر“ آهي، اسان ته پنهنجن شين تي ”ٽرسٽ“ ئي ناهيون ڪندا، اسان کي پنهنجون يا پنهنجي ملڪ جون ٺاهيل شيون وڻن ئي نه ٿيون، يا اسان جي ملڪ جون ٺاهيل شيون پائيدار ناهن، يا ”امپورٽيڊ“ شيون وٺي اسان فخر محسوس ڪندا آهيون، اهڙي ڪلچر ۾ اسان امپورٽس گهٽائڻ جو سوچون به نه، جتي اسان جا لوڪل “ڪنزيومرز“ ئي ناهن جيڪي اسان جي شين استعمال ڪرڻ ۾ شرم محسوس ٿا ڪن، انهن جي آسري اسان جي معيشت ڀلا ڪڏهن ”بوسٽ“ ڪندي، پوءِ انهن جي آسري اسان جي خوشحالي ڪڏهن ڪَرُ کڻندي، يا اسان جي ”بجيٽ ڊيفيسٽ“ ائين ئي رهندي، اسان جو ناڻو ائين ڪرندو رهندو، عمران خان پاڻ چوندو هوته هو ته ”وزيرن جا خرچ گهٽائينداسين“ پر اچڻ سان ئي وزيرن جا خرچ وڌائي ڇڏيائين ۽ پوءِ خسارو به ته پاڻ ٿا وڌائين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو