153

ڪورونا جي لهر ۾ ايندڙ تيزي..!!

سڄي ملڪ اندر ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ۾ تيزي اچي وئي آهي، اين سي او سي جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 59 ماڻهو فوت ۽ 2 هزار 665 متاثر ٿيا آهن، اهڙي ريت پوري ملڪ ۾  فوتين جو  انگ 7 هزار 662 ۽ متاثرن جو انگ 3 لک 74 هزار 174 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا سبب متاثر ٿيلن مان 3 لک 29 هزار 282 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن پر ان جي باوجود 36 هزار 683  متاثر علاج هيٺ موجود آهن.  سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 13 ماڻهو فوت ۽ هڪ هزار 102 متاثر ٿيا آهن، سنڌ ۾ 510 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾وڌيڪ 719، حيدرآباد ۾ 113، مٽياري ۾ 36، بدين ۾ 24، عمرڪوٽ ۾ 22، ٽنڊي الهيار ۾ 18، خيرپور ۾ 16، ڄامشوري ۾ 13، ميرپورخاص ۾ 12 ڄڻا متاثر ٿيا آهن. اين سي او سي جو چوڻ آهي ته 15 شهرن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، صوبائي حڪومتون بازارن، شاپنگ مالز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، هوٽلن ۾ ايس او پيز ۽ ماسڪ کي لازمي قرار ڏين. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته چئن مهينن کان پوءِ پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 50 کان وڌي ويو آهي، هن چيو ته اهو انتهائي ضروري آهي ته قوم هڪ ٿي ٻيهر احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري، ته جيئن اسان ماڻهن جي صحت جي به حفاظت ڪريون ۽ ماڻهن جي روزگار کي به بچائي سگهون.  ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت طرفان  اسڪول بند ڪرڻ جون پڻ تياريون شروع ڪيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ قطعي فيصلو اڄ تعليم جي صوبائي وزيرن جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو، وفاقي حڪومت اسڪول 25 نومبر کان بند ڪرڻ جي تجويز تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا پڻ ان گڏجاڻي ۾ پيش ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته حڪومت اڄ ٿيندڙ سڀني يونٽن جي گڏجاڻي ۾ اسڪول 25 نومبر کان بند ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي. هن چيو ته تجويز آهي ته ڪيمپس جي بدران گهرن تي پڙهائي شروع ڪئي وڃي. هن چيو ته استاد اسڪول اچن ۽ اهي  ٻارن کي آن لائن پڙهائين ۽ جتي آن لائن جو بندوبست نه آهي اتي ٻار هڪ ڏينهن اسڪول ۾ وڃي هوم ورڪ وٺي وڃن.  ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڪورونا هڪ حقيقت آهي ۽ اها دنيا سميت اسان جي ملڪ ۾ به موجود آهي پر هن وقت خوف جي اها لهر ناهي جيڪا پهريان هئي، ڇاڪاڻ ته شروعاتي ڏهاڙن ۾ ڪورونا جي ڏهڪاءُ سبب جڏهن دنيا جي جديد ملڪن ۾ به لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ماڻهن کي گهرن ۾ ويهاريو ويو ته غريب ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ انهن کان به وڌيڪ خوف پکڙجي ويو، عام تاثر اهو هو ته جنهن وبا ۾ يورپ جا جديد ملڪ بيهي نٿا سگهن ۽ اٽليءَ ۾ ماڻهو روزانو هزارن جي تعداد ۾ مري رهيا هئا، ان وقت غريب ملڪن جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ ان خوف سبب جتي حڪومت لاڪ ڊائون لاڳو ڪيا، اتي عام ماڻهو پاڻ به گهرن تائين محدود ٿي ويا پر ڪجهه مهينن کانپوءِ جڏهن هن وبا جو زور ٽٽو ۽ خوف به ختم ٿيڻ شروع ٿي ويو ته دنيا اندر ڪاروهنوار کي به شروع ڪيو ويو، چيو وڃي ٿو ته ڪورونا هن وقت به اڳ جهڙي موجود آهي پر خوف نه هجڻ سبب ماڻهو ان کي اهميت نٿا ڏين، جيڪا هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، تنهن ڪري عام ماڻهن کي گهرجي ته ڪورونا کي اڳ جيان اهميت ڏين ۽ احتياط تي سئو سيڪڙو عمل ڪن ته جيئن هو پاڻ به بچي سگهن ۽ ٻين کي به بچائي سگهجي، روزانو ڪورونا سبب لاتعداد ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي رهيا آهن، تنهن ڪري ان نزاڪت کي سمجهڻو پوندو، حڪومتن کي به گهرجي ته ڪورونا کي سياست جي ور چاڙهڻ بدران ان کي نج انساني مسئلو سمجهي منهن ڏيڻ گهرجي ۽ اهڙا فيصلا ڪرڻ گهرجن جيڪي حقيقي طور تي عوام جو تحفظ فراهم ڪري سگهن، عوام کي به اپيل ڪنداسين ته اهو ماضي جيان احتياط کي يقيني بڻائي، ان ۾ ئي اسان سڀني جي بقاءَ آهي. ڇاڪاڻ ته جيستائين هن وائرس جو علاج نٿو اچي تيستائين هر هڪ ماڻهو ان جي نشاني تي آهي…..!!

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو