207

قصور ڀرسان پوليس اهلڪار جي شادي تقريب ۾ هوائي فائرنگ، ٻارڙي قتل، 3 عورتون زخمي

قصور (ويب ڊيسڪ) قصور ڀرسان پوليس اهلڪار جي شادي تقريب دوران فائرنگ ۾ ٻارڙي مارجي وئي، جڏهن ته 3 عورتون زخمي ٿي پيون آهن. ڦول نگر جي علائقي تارا ڳڙهه ۾ پوليس اهلڪار حسنين جي شادي تقريب دوران 8 کان 10 ماڻهن هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ شادي ۾ شامل 10 ورهين جي آمنه گولي لڳڻ سبب مارجي وئي، جڏهن ته 3 عورتون زخمي ٿي پيون،  ٻارڙي جو لاش ۽ زخمي عورتن کي جناح اسپتال لاهور منتقل ڪيو ويو. پوليس ڪارروائي ڪندي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن ۾ گهوٽ جو ڀاءُ حسن ۽ سئوٽ ذوالفقار شامل آهن، ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي آءِ جي پنجاب انعام غني واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو